شاهه لطيف جو فڪر ۽ جديد تعليم جو سنگم

الطاف ابڙو

سنڌ جي عظيم صوفي شاعر، مفڪر، انسان دوست ۽ امن جي داعي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو پيغام صدين کان انسانيت لاءِ روشنيءَ جو مينار رهيو آهي. محبت، رواداري، برداشت، همت، جدوجهد ۽ انسان دوستي تي ٻڌل لطيفي فلسفو اڄ به اوترو ئي لاڳاپيل آهي، جيترو پنهنجي دور ۾ هو. جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار دنيا ۾ به لطيف جو فڪر نوجوان نسل جي اخلاقي، علمي ۽ فڪري تربيت لاءِ هڪ قيمتي سرمايو آهي.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 283هين عرس مبارڪ جي موقعي تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر، ميريٽوريس پروفيسر ڊاڪٽر يوسف خشڪ جو ڀٽ شاهه جو دورو رڳو هڪ روايتي حاضري نه، پر ان ڳالهه جو اظهار هو ته يونيورسٽي پنهنجي نالي سان منسوب عظيم شخصيت جي فڪر کي تعليمي ۽ تحقيقي نظام جو حصو بڻائڻ لاءِ سنجيده آهي.وائيس چانسلر درگاهه شريف تي چادر چاڙهي يونيورسٽي جي ترقي، سنڌ جي خوشحالي، ملڪ ۾ امن، قومي يڪجهتي ۽ علم جي واڌاري لاءِ دعائون گهريون. هن درگاهه جي احاطي ۾ فقيرن پاران دنبوري تي پيش ڪيل لطيفي راڳ ٻڌي ان روحاني فضا مان فيض حاصل ڪيو، جتي شاهه لطيف جو پيغام هر دور جي انسان کي محبت ۽ انسانيت جو سبق ڏئي ٿو.

ڀٽ شاهه ۾ قائم مقام سجاده نشين سيد مصطفيٰ حسن شاهه لطيفي سان ملاقات دوران لطيفي فڪر جي اهميت، علمي تحقيق ۽ نوجوان نسل جي فڪري رهنمائي بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته شاهه لطيف جو پيغام صرف ادبي ورثو نه، پر هڪ مڪمل فڪري ۽ اخلاقي فلسفو آهي، جنهن کي جديد تعليمي ادارن ذريعي وڌيڪ مؤثر نموني نوجوانن تائين پهچائڻ گهرجي. ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر يوسف خشڪ چيو ته سندس خواهش آهي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي مختلف شعبن جي نصاب ۾ شاهه لطيف جي شاعري، فڪر ۽ فلسفي کي مناسب انداز سان شامل ڪيو وڃي، جيئن جديد سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق سان گڏ شاگرد پنهنجي ثقافتي ۽ روحاني ورثي کان پڻ واقف ٿي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي ۾ لطيفيات تي سيمينار، بين الاقوامي ڪانفرنسون، تحقيقي مذاڪرا ۽ ادبي تقريبون منعقد ڪيون وينديون، جيئن لطيف جو آفاقي پيغام دنيا تائين وڌيڪ مؤثر نموني پهچي.

قائم مقام سجاده نشين سيد مصطفيٰ حسن شاهه لطيفي چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پيغام محبت، امن، برداشت ۽ انسانيت جو پيغام آهي، جنهن کي تعليمي ادارن وسيلي نوجوان نسل تائين منتقل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن وائيس چانسلر ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي انهن ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته درگاهه شريف هر اهڙي علمي، ادبي ۽ تحقيقي قدم ۾ يونيورسٽي سان ڀرپور تعاون جاري رکندي. ڊائريڪٽر فنانس ، قاضي  نظام الدين ، چيو ته جديد سائنسي تعليم ۽ لطيفي فلسفو گڏجي هڪ اهڙو تعليمي ماحول پيدا ڪري سگهن ٿا، جتي علم سان گڏ اخلاق، تحقيق، برداشت ۽ سماجي ذميواريءَ جو شعور پڻ پيدا ٿئي. سندس خيال ۾ لطيف جو فڪر نوجوانن ۾ تخليقي سوچ ۽ مثبت رويي کي هٿي ڏئي ٿو، جيڪو پائيدار ترقي لاءِ لازمي آهي. آفيسرن جي ميمبر سينڊيڪيٽ عمران علي سومري پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي فڪري سڃاڻپ آهي. سندس شاعري رڳو ادبي شاهڪار نه، پر زندگي گذارڻ جو مڪمل درس آهي. جيڪڏهن نوجوان نسل کي لطيف جي پيغام سان ڳنڍيو وڃي ته هو پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ قومي قدرن سان وڌيڪ مضبوط تعلق قائم ڪري سگهندا. هن چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي اها ڪوشش يقيناً مستقبل ۾ هڪ مثبت علمي روايت بڻجندي.

حقيقت اها آهي ته اعليٰ تعليم جو مقصد صرف ڊگريون ڏيڻ نه، پر اهڙا باشعور، ذميوار ۽ انسان دوست فرد تيار ڪرڻ آهي، جيڪي پنهنجي سماج جي بهتر تعمير ۾ ڪردار ادا ڪن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو فڪر اهڙي ئي شعور جي آبياري ڪري ٿو. جيڪڏهن جديد تعليمي ادارا سائنس، تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي سان گڏ لطيفي فلسفي کي پڻ پنهنجي علمي سرگرمين جو حصو بڻائين، ته اهو نه رڳو سنڌ جي علمي ورثي جي حفاظت هوندي، پر ايندڙ نسلن جي فڪري تعمير ڏانهن هڪ تاريخي قدم پڻ ثابت ٿيندو.

You might also like