عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب چين حوثين سان سڌيون ڳالهيون ڪيون آهن.
رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انهن ڳالهين جو مقصد سعودي عرب جي بندرگاهن تان چين ويندڙ تيل کڻندڙ جهازن جي محفوظ اچ وڃ کي يقيني بڻائڻ آهي.
رپورٽن موجب حوثين 20 جولاءِ تي سعودي بندرگاهن جي سامونڊي ناڪابندي جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ عالمي جهازراني واري شعبي ۾ ڳڻتي پيدا ٿي.
رپورٽن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته چين انهن ملڪن مان هڪ آهي، جنهن باب المندب واري سامونڊي رستي تان پنهنجي جهازن جي محفوظ چرپر لاءِ حوثين سان سڌو رابطو ڪيو.
هڪ سينيئر ايراني عملدار پڻ چين ۽ حوثين وچ ۾ ٿيل رابطن جي تصديق ڪئي آهي.
رپورٽن موجب چين اها ڪوشش ڪري رهيو آهي ته بحيره احمر جي ٽرمينلن، خاص طور تي ينبع بندرگاهه، تان تيل جي برآمد جاري رهي، جيئن آبنائي هرمز جي ممڪن بندش سبب رسد ۾ پيدا ٿيندڙ کوٽ کي پورو ڪري سگهجي.
رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حوثين هيل تائين چين ويندڙ هر جهاز کي الڳ الڳ منظوري ڏئي گذرڻ جي اجازت ڏني آهي ۽ ان بابت ايران کي پڻ آگاهه ڪيو ويو آهي.
رپورٽن موجب حوثين هڪ اي ميل ذريعي عالمي شپنگ ڪمپنين کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪو جهاز سعودي عرب جي بندرگاهن تان سامان چاڙهي يا لاٿي ٿو ته ان تي حملو ٿي سگهي ٿو.
رپورٽن موجب باب المندب واري سامونڊي رستي سان بحيره احمر ۾ داخل ٿيندڙ ڪجهه جهاز حفاظتي خدشن سبب اڳ ئي پنهنجو رستو تبديل ڪري چڪا آهن.
لائيڊز لسٽ انٽيليجنس ۽ ميرين ٽريفڪ جي جهازن جي نگراني ڪندڙ انگن اکرن موجب نيو چيمپئن ۽ نيو پرائم نالي ٻه وڏا تيل بردار جهاز عدن جي نار مان واپس کليل سمنڊ ڏانهن رخ ڪري ويا آهن.