آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ايران جي حملن جو سخت جواب ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.
آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته ايران اردن ۾ فوجي اڏي تي اوچتا ميزائل حملا ڪيا، پر آمريڪي فوج ڪجهه ئي منٽن اندر ايران طرفان فائر ڪيل ميزائل ڪيرائي ڇڏيا.
هن وڌيڪ چيو ته رات دير سان آمريڪا ۽ سعودي عرب طرفان عراق ۾ ايران جي حمايتي مليشيائن تي ڪيل فضائي حملا عراقي حڪومت جي سهڪار سان ڪيا ويا. ٽرمپ انهن مليشيائن کي دنيا لاءِ ناسور قرار ڏيندي چيو ته سندس انتظاميا ايران جي حمايتي پراڪسي گروهن خلاف وڌيڪ قدمن تي غور ڪري رهي آهي.