آمريڪا ۽ سعودي کي حملن جي ڳري قيمت چڪائڻي پوندي: عراق ۾ ايران نواز مليشيا

عراق ۾ ايران حمايتي گروهن جي ٺڪاڻن تي حملن کانپوءِ ايران نواز هٿياربند تنظيم چيو آهي ته آمريڪا ۽ سعودي عرب کي انهن حملن جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

تنظيم پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي ۽ سعودي فوجن کي عراقي سرزمين تي حملن جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

ٻئي پاسي عراقي حڪومت پڻ عراق ۾ آمريڪي ۽ سعودي فوجن جي حملن جي مذمت ڪئي آهي.

You might also like