عراق ۾ آمريڪي ۽ سعودي فوجن جا مبينا ايران حمايتي مليشيا جي مرڪزن تي حملا، 20 ويڙهاڪ مارجي ويا

عراق ۾ آمريڪي ۽ سعودي فوجن طرفان مبينا ايران حمايتي مليشيا جي مرڪزن تي ڪيل حملن ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 32 زخمي ٿيا.

سعودي بچاءَ واري وزارت موجب اها ڪارروائي سعودي تيل تنصيبات تي ڊرون حملن جي جواب ۾ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ سان گڏجي ڪئي وئي.

سڀ کان وڏو حملو عراقي صوبي نينوا ۾ ٿيو، جتي 10 ڄڻا مارجي ويا.

You might also like