ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايس يو پي صدر زين شاهه چيو آهي سنڌو درياهه انڊيا مان گذري ئي نٿو، انڊيا مان جهلم ۽ چناب گذرن ٿا.
پيپلزپارٽي جي سنڌ جو پاڻي روڪڻ تي مودي خلاف احتجاجن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن سنڌو درياهه انڊيا مان گذري ئي نٿو ته سنڌو جو پاڻي انڊيا ڪيئن روڪيندو؟
ايس يو پي صدر چيو ته اهو جلوس پنجاب ۾ نڪرڻ گهرجي، جلوس پيپلزپارٽي پنجاب ڪڍي، پيپلزپارٽي بلوچستان ۽ پيپلزپارٽي ڪي پي ڪي به ڪڍي، پيپلزپارٽي ڪشمير ڪڍي، سنڌو درياهه چائنا کانپوءِ گلگت بلستان مان گذرندو آهي انڪري پيپلزپارٽي گلگت بلتستان به جلوس ڪڍي رڳو سنڌ ۾ احتجاج ڇو؟
هن چيو ته پيپلزپارٽي قيادت سنڌ جي ماڻهن سان منافقي پئي ڪري، پارٽي چيئرمين جي پيءُ، ملڪ جي صدر آصف زرداري ڪئنال ٺاهڻ جو حڪم ڏنو جيڪو اڃا تائين واپس ناهي ورتو ويو. جڏهن ته اهو چيو ويو هو ته تحقيق ڪري پوءِ رد ڪيا ويندا پر انهن کي اڃا تائين بحال رکيون پيا اچن.
زين شاهه چيو ته انهن اعلانيل ڪئنالن مان هڪڙو ڪئنال ٺهي ويو آهي، انهن جو منصوبو 10 کان 12 ڪئنال ٻيا به ٺاهڻ جو آهي، سنڌ جي ماڻهن کي چئون ٿا ته تياري ڪريو ته جيئن انهن جي رستا روڪ ڪريون.
هن وڌيڪ چيو ته اڳ ۾ ڇهه ڪئنالن جي ڳالهه هئي پر حقيقت 10 کان 12 ڪئنال آهن، چار ڪئنال گريٽر ٿَل ڪئنال تي ٺهندا، هاڻي ٻه ٺهندا چولستان تي، انکانسواءِ جلال پور ۽ ٻين تي به ڪئنال ٺهندا.
سندس چوڻ هو ته 12 لک ايڪڙ زمين رڳو پنجاب ۾ آباد ڪرڻ جو منصوبو آهي ۽ وڌيڪ زمين ٻين صوبن جي آباد ٿيندي، ڪئنالن ذريعي ٽوٽل ستٽيهه لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جو منصوبو آهي.