شاھ جون سورميون

فقير محمدسنڌي

 شاھ لطيف جي شاعريءَ جو سڀ کان سگهارو ۽ معنوي پاسو سندس سورميون آهن. اُهي سورميون  سسئي ، سُهڻي، مارئي، مومل، نوري، سورٺ ۽ ليلا  فقط داستاني ڪردار نه پر انساني شعور جا علامتي روپ آهن. ڀٽائي سرڪار انهن عورت ڪردارن کي سماج جي ڪمزور طبقي طور نه پر جدوجهد، همت، وفاداري ۽ مزاحمت جي علامت بڻائي پيش ڪيو آهي.  لطيف سائين وٽ عورت هڪ روايتي ڪردار نه پر فڪر ۽ عمل جي خودمختيار هستي آهي سندس سورميون عشق ۾ ثابت قدم، وطن سان وفادار، اصولن لاءِ قرباني ڏيندڙ ۽ سماجي جبر خلاف بيهندڙ نظر اچن ٿيون.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو: ”شاھ لطيف عورت کي ڪردار، شعور ۽ قربانيءَ جي بلند ترين مقام تي بيهاريو آهي“

سسئي، عشق ۽ جدوجهد جي علامت آهي.

سسئي ڀٽائيءَ وٽ لازوال عشق جي علامت آهي۔ سسئي جو ريگستان ۾ پنھون جي تلاش ۾ نڪري پوڻ، انساني روح جي سچ جي ڳولا جو استعارو آهي. ريگستان، جبل، تپندڙ واري ۽ اڪيلائي اهي سڀ منظر عشق جي ڪٺن راھ کي ظاهر ڪن ٿا.  سسئي جو سفر ٻڌائي ٿو ته عشق آرام نه پر مسلسل جدوجهد آهي.

سهڻي، سماجي جبر خلاف بغاوت جو نالو آهي. سُهڻي شاھ لطيف وٽ سماجي جبر خلاف بي خوف بغاوت آهي هوءَ ڪچي گهڙيءَ سان درياءَ پار ڪري ٿي جيڪا سماج جي بي رحم قانونن جي علامت آهي.

ڪچي گهڙي هٿ ۾، سُهڻي سير لنگهاءِ

عشق اڳيان آئي، موت نه موٽاءِ

(سر سُهڻي)

هي بيت سُهڻي جي انقلابي جرئت کي چٽي نموني ظاهر ڪري ٿو.

مارئي، ڌرتي، سڃاڻپ ۽ قومي شعور نماءُ آهي.

مارئي شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ وطن سان وفاداريءَ جي بلند ترين علامت آهي۔ هوءَ بادشاھ عمر جي محلن، زيورن ۽ عياشين کي رد ڪري ٿي ۽ ڌرتيءَ سان پنهنجو ناتو نٿي ٽوڙي.

سُکيا سي نه مارئي، جي قيد ٿيا ڪلهار

ماروءَ جي محبت، سيج بہ ٿيا سنگهار

(سر مارئي)

هي بيت مارئي جي قومي غيرت ۽ ڌرتيءَ سان اٽل وابستگيءَ جو پڪو ثبوت آهي.

مومل، حسن، عقل ۽ وقار جي بلنديءَ جو نشان آهي.  مومل شاھ لطيف وٽ رڳو حسن نه پر دانائي ۽ وقار جي علامت آهي هوءَ عشق ۾ به خودداري نٿي وڃائي ۽ حسن سان گڏ عقل کي اهميت ڏئي ٿي.  نوري، عاجزيءَ جي عظمت آهي.

نوري هڪ مهاڻي ڇوڪري آهي، جيڪا عاجزي، اخلاق ۽ سچائيءَ سان بادشاھ ڄام تماچيءَ جي دل ماڻي ٿي.

نوري نازڪ ناھ، گندريءَ گودڙيءَ سين

سچائيءَ سبب، سيج سهاڳي ٿئي

(سر ڪاموڏ)

هي بيت سماجي برابري، اخلاقي عظمت ۽ انساني وقار جو سگهارو پيغام ڏئي ٿو.

سورٺ، وفا ۽ قرباني ڏيڻ جي راھ تي اٽل ارادي سان لاڳاپيل آهي.  سورٺ ڀٽائيءَ وٽ بي مثال وفاداري ۽ قربانيءَ جو استعارو آهي۔ راءِ ڏياچ جي وفات کان پوءِ سورٺ جو عمل وفا جي انتها کي ظاهر ڪري ٿو.  ليلا، لالچ ۽ غفلت جو مظاهرو ڪيو.

ليلا انساني ڪمزوري، لالچ ۽ غفلت جي علامت آهي. ڀٽائي سرڪار ليلا جي ڪردار وسيلي خبردار ڪري ٿو ته عارضي خواهشون انسان کي دائمي نقصان ڏانهن وٺي وڃن ٿيون.

You might also like