آزاد ڪشمير چونڊن ۾ فائرنگ دوران هڪ شخص قتل جڏهن ته 3 زخمي ٿيا

آزاد ڪشمير جي چونڊن جي پهرين مرحلي دوران ڪوٽلي جي علائقي نڪيال ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي ميرپور، ڪوٽلي ۽ ڀمبر ۾ قائم 13 تڪن تي سومر ڏينهن ووٽنگ ٿي. شام 5 وڳي ووٽنگ جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ ووٽرن کي ووٽ وجهڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ اضافي وقت ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ هاڻي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي.

چونڊن جي پهرين مرحلي دوران ڪوٽلي جي علائقي نڪيال ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ شخص مارجي ويو، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿيا.

ايل اي 9 تان پيپلز پارٽي جي اميدوار جاويد بدهاوي چيو آهي ته فائرنگ ۾ پيپلز پارٽي جو ڪارڪن مختيار مارجي ويو.

آزاد ڪشمير جي علائقي ڀمبر ۾ دربار بابا شادي شهيد جي پولنگ اسٽيشن تي به هنگامي صورتحال پيدا ٿي.

ڊي آر او موجب شرپسندن پولنگ باڪس کسي ان کي ساڙي ڇڏيو. بيلٽ باڪس ۾ 232 ووٽ موجود هئا. هن چيو ته شرپسندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

ان کان علاوه ايل اي 6 جي 3 پولنگ اسٽيشنن تي به جهيڙن جا واقعا پيش آيا. پوليس موجب هٿياربند ماڻهن عملي کان بيلٽ باڪس کسڻ جي به ڪوشش ڪئي.

You might also like