ٽروبا ٽيسٽ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو، ٽئين ڏينهن ويسٽ انڊيز پاڪستان خلاف ٻي اننگز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 126 رنسون ٺاهي ورتيون، جنهن کان پوءِ ميزبان ٽيم جي مجموعي برتري 155 رنسن تائين پهچي وئي.
پهرين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن پاڪستان، ويسٽ انڊيز جي 311 رنسن جي جواب ۾ پنهنجي پهرين اننگز 3 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنسن کان اڳتي وڌائي.
سلمان علي آغا 20 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. شان مسعود شاندار بيٽنگ ڪندي 109 رنسن جي اننگز کيڏي، پر ان کان پوءِ ايندڙ بيٽرز ناڪام رهيا.
وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان 12، آل رائونڊر عامر جمال 3 ۽ علي عثمان بنا ڪا رنس ٺاهڻ جي پويلين موٽي ويا. خرم شهزاد 19 رنسون ٺاهي ٽيم جو اسڪور 282 رنسن تائين پهچايو، جڏهن ته محمد عباس ڪا به رنس نه ٺاهي سگهيو.