چونڊن جو فيصلو رياست نه عوام ڪندي آهي، پيپلزپارٽي هار مَڃي: مريم نواز

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته پيپلز پارٽي جنهن انداز جي ٻولي استعمال ڪئي، ان تي افسوس آهي، پيپلز پارٽي کي کليل دل سان شڪست تسليم ڪرڻ گهرجي ها.

پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز آزاد ڪشمير جي چونڊن بابت ڳالهائيندي چيو ته چونڊن جو فيصلو رياست نه پر عوام ڪندو آهي.

هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ عوام توهان جي حق ۾ فيصلو ڏنو، اسان ان کي قبول ڪيو هو. گلگت بلتستان ۾ توهان کٽي ويا ته چونڊون صحيح هيون، پر آزاد ڪشمير ۾ توهان هارائي ويا ته چونڊون غلط ٿي ويون؟ هن چيو ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ ئي آزاد ڪشمير جا حالتون خراب ٿيون.

مريم نواز چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي، جتي 17 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، پر بلاول سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي نه ٻڌائي سگهيا ۽ نه ئي ڪو روڊ ميپ ڏئي سگهيا. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ توهان وٽ ڪجهه به ناهي. 17 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت هجڻ باوجود ٻڌائڻ لاءِ هڪ به منصوبو ناهي.

هن چيو ته توهان هڪ ڀيرو به اهو نه چئي سگهيا ته توهان آزاد ڪشمير کي سنڌ يا ڪراچي جهڙو بڻائيندا. ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه ناهي ۽ هاڻي توهان ڌانڌلي جو شور ڪري رهيا آهيو.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته ڪشمير ۾ ماڻهو صحت جون سهولتون گهري رهيا آهن، پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو وٺو ۽ پنهنجو احتساب ڪريو. هن چيو ته سنڌ ضرور ترقي ڪندو، جمهوريت جي واڌاري لاءِ عوام جي فيصلي کي کليل دل سان قبول ڪيو وڃي، سنڌ ۾ صفائي، امن امان ۽ روڊن جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي.

مريم نواز چيو ته ٿورو غور ڪندا ته خبر پئجي ويندي ته ماڻهن توهان کي ووٽ ڇو نه ڏنا. هن دعويٰ ڪئي ته پيپلز پارٽي جا جلسا خالي هئا ۽ عوام شرڪت نه ڪئي. هن چيو ته جن جون پنهنجون روڊون ٽٽل آهن، اهي آزاد ڪشمير جون روڊون ڪيئن بهتر ڪندا.

You might also like