ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي سپريم ڪورٽ نوجوانن جي احتجاج دوران پوليس تشدد خلاف داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي حڪم ڏنو ته داخل ٿيل ايف آءِ آرز تي ڪا به سزا واري ڪارروائي نه ڪئي وڃي.
ان سان گڏ مرڪز سميت 7 رياستن کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته مظاهرن ۾ شامل ماڻهن جو ڊجيٽل ۽ ذاتي ڊيٽا محفوظ رکيو وڃي ۽ ان کي عوام آڏو ظاهر نه ڪيو وڃي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ذميواري به مقرر ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته شاگردن پنهنجن مطالبن لاءِ احتجاج ڪيو هو ۽ احتجاج ڪرڻ آئيني حق آهي.
ڀارتي چيف جسٽس چيو ته مظاهرن ۾ هميشه ڪجهه شرپسند عنصر پنهنجن مقصدن سان شامل ٿي ويندا آهن.
سي جي آءِ سوريا ڪانت چيو ته انتهائي محتاط لفظن ۾ به چيو وڃي ته آزاداڻي جاچ جي ضرورت واضح نظر اچي ٿي، ۽ ان لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي يا ايس آءِ ٽي قائم ڪئي ويندي.
سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواستن ۾ درخواستگذارن پوليس ۽ نيم فوجي دستن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو هو، جن تي الزام لڳايو ويو هو ته گادي واري شهر ۽ ٻين شهرن ۾ ڪيترن ئي هفتن تائين جاري رهندڙ مظاهرن دوران ضرورت کان وڌيڪ طاقت ۽ پيلٽ گنز جو استعمال ڪيو ويو.