فوج تي بي بنياد الزام، نورين نيازي خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان جي ڀيڻ نورين نيازي خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

نورين نيازي خلاف ڪيس پيڪا ايڪٽ جي سيڪشن 20 ۽ 26 اي تحت داخل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ آر جي متن موجب نورين نيازي پاڪستان ۽ هٿياربند فوج خلاف ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳايا، جڏهن ته رياست تي عوام جو اعتماد ڪمزور ڪرڻ ۽ بيچيني پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته نورين نيازي ڪوڙو، اشتعال انگيز، توهين آميز ۽ ڌمڪي وارو مواد پکيڙيو، جڏهن ته هن رياستي ۽ سيڪيورٽي ادارن خلاف منظم پروپيگنڊا ڪئي.

ياد رهي ته نيشنل سائبر ڪرائم انٽيليجنس اٿارٽي (اين سي سي آءِ اي) رياست ۽ هٿياربند فوج خلاف تڪراري بيان ڏيڻ تي نورين نيازي کي طلب ڪيو هو، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو هو ته نورين نيازي جو بيان پارٽي پاليسي ناهي.

ان کان اڳ پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان به چيو ويو هو ته ”معرڪه حق“ بابت نورين نيازي جو بيان پارٽي پاليسي جو حصو ناهي. حڪومت جي ڪجهه اڳواڻن پڻ ان بيان تي تنقيد ڪئي هئي.

You might also like