ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) 31 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين برساتن ۽ شهري ٻوڏ (اربن فلڊنگ) جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب موسميات کاتي سنڌ ۾ گجگوڙ سان برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، جنهن تحت ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ تيز برساتون پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ڊي جي پي ڊي ايم اي ٻڌايو ته سکر، لاڙڪاڻو، بدين، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، خيرپور، جيڪب آباد، شڪارپور، گهوٽڪي، ڪشمور ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ به برساتن جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ ٺٽو، ڄامشورو، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار ۽ شهيد بينظير آباد ۾ به برساتن جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي ضلعن ۾ هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.