قائدا آباد ۾ ٻارڙي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار نينگري جو ڀيڻيوو نڪتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي علائقي قائد آباد ۾ نابالغ ڇوڪري سان مبينا زيادتي ۾ ملوث جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب جوابدار يعقوب 15 ورهين جي متاثر ڇوڪري جو ڀيڻيوو آهي. 24 جولاءِ تي جوابدار ڇوڪري کي گهر ۾ اڪيلو ڏسي مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻايو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي گذريل رات گرفتار ڪيو ويو. پوليس ٻڌايو ته جوابدار متاثر ڇوڪري جو ڀيڻيوو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي. متاثر ڇوڪري ۽ جوابدار جو ميڊيڪل پڻ ڪرايو پيو وڃي.

واقعي جو ڪيس متاثر ڇوڪري جي پڦي جي فرياد تي قائد آباد ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو.

You might also like