ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4 هزار رپين کان وڌيڪ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولو سون جي قيمت ۾ 4 هزار 300 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کان پوءِ في تولو سون 4 لک 27 هزار 436 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب اهڙيءَ طرح 10 گرام سون جي قيمت ۾ 3 هزار 687 رپين جي گهٽتائي کان پوءِ اها 3 لک 66 هزار 457 رپيا ٿي وئي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 43 ڊالر گهٽجي 4 هزار 50 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.