ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ملڪ ۾ سڀاڻي کان مون سون جي وڌيڪ برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب 29 جولاءِ کان 5 آگسٽ تائين ملڪ ۾ وڌيڪ مون سون برساتن جو امڪان آهي. 29 جولاءِ کان عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال مان مون سون هوائون ملڪ ۾ داخل ٿينديون، جڏهن ته اولهه واري هوائن جو سلسلو هن وقت اترين علائقن کي متاثر ڪري رهيو آهي ۽ اهي هوائون پهرين آگسٽ کان ملڪ جي مٿين ۽ وچ وارن علائقن کي متاثر ڪنديون.
موسميات کاتي ٻڌايو ته ڪشمير ۾ 28 جولاءِ جي رات کان 5 آگسٽ تائين تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برساتون ٿي سگهن ٿيون. 29 جولاءِ کان اسلام آباد، راولپنڊي، مري، لاهور ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته 31 جولاءِ کان بهاولپور، بهاولنگر، خانپور، ڊي آءِ خان ۽ ٻين علائقن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ان کان سواءِ 29 جولاءِ کان 5 آگسٽ تائين خيبرپختونخوا ۾ برساتون ٿيڻ جو امڪان آهي. گلگت بلتستان ۾ 28 جولاءِ جي شام کان 6 آگسٽ تائين تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته 31 جولاءِ کان 3 آگسٽ تائين بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب 31 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برسات ٿي سگهي ٿي. بدين، ٺٽو، ڪراچي ۽ سجاول ضلعن ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. برساتن سبب ندي نالن ۾ چاڙهه اچڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته 30 جولاءِ کان 4 آگسٽ دوران هيٺاهين وارن علائقن ۾ شهري ٻوڏ (اربن فلڊنگ) جو خطرو آهي.
عربي سمنڊ ۾ سسٽم موجود هجڻ سبب ڪراچي ۾ به برسات جو امڪان
ٻئي پاسي موسمياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته هوا جو شديد گهٽ دٻاءُ ڊپريشن جي صورت ۾ خليج بنگال جي اتر اولهه واري علائقي ۾ موجود آهي، جيڪو انتهائي آهستي رفتار سان اولهه ۽ اتر اولهه طرف وڌي رهيو آهي.
موسمياتي ماهرن موجب عالمي موسمياتي ماڊلز هن سسٽم جا 3 مختلف رستا ظاهر ڪري رهيا آهن. هڪ رستي موجب اهو سسٽم 30 يا 31 جولاءِ تي راجسٿان ويجهو پهچي بيهي سگهي ٿو، ۽ جيڪڏهن اهو راجسٿان ويجهو پهتو ته ٿرپارڪر ۽ ڀرپاسي وارن ضلعن ۾ برساتون ٿي سگهن ٿيون.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻئي رستي تحت اهو سسٽم ڪڇ جي رستي عربي سمنڊ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. عربي سمنڊ ۾ سسٽم جي موجودگي سبب ڪراچي ۾ به برسات جو امڪان رهندو.
ٽئين رستي تحت اهو سسٽم ڏکڻ پنجاب ڏانهن به وڌي سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته سسٽم جي سنڌ جي ويجهو اچڻ جو امڪان تمام گهڻو ناهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ ان جي رستي بابت وڌيڪ اڳڪٿي ڪري سگهبي.