هٿرادو ڏاهپ زالو ڳولڻ ۾ مدد شروع ڪري ڇڏي

هٿرادو ڏاهپ (اي آءِ) کي جتي سڄي دنيا ۾ مختلف مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، اتي هاڻي زندگيءَ جي ساٿي جي ڳولا لاءِ به ان جي مدد ورتي پئي وڃي.

ها، واقعي جاپان ۾ هن ٽيڪنالاجي کي جوڙن کي ملائڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ۽ ان جي مدد سان سوين جوڙن جون شاديون به ٿي چڪيون آهن.

واضح رهي ته جاپان اهڙو ملڪ آهي، جتي شادين جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته پوڙهن ماڻهن جو انگ وڌي رهيو آهي، ڇو ته ٻارن جي پيدائش جي شرح پڻ گهٽجي وئي آهي.

مقامي حڪومتون مختلف ڪمپنين سان گڏجي اي آءِ تي ٻڌل نظام استعمال ڪري رهيون آهن، جيڪي ماڻهن جي شخصيت، قدرن، دلچسپين، مشغلا ۽ طرز زندگي کي نظر ۾ رکندي انهن لاءِ مناسب زندگيءَ جي ساٿي جي تجويز ڏين ٿا.

ان مقصد لاءِ سيپٽمبر 2024ع ۾ هڪ ايپ متعارف ڪرائي وئي هئي، جيئن شادي جا خواهشمند ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جو ساٿي ڳولڻ ۾ آساني محسوس ڪن.

ايپ استعمال ڪندڙن کي پنهنجي سڃاڻپ جا تصديق ٿيل ثبوت جمع ڪرائڻا پوندا آهن ۽ اهو ثابت ڪرڻو پوندو آهي ته هو قانوني طور اڳ ۾ شادي شده ناهن. ان کان علاوه آمدني سان لاڳاپيل دستاويز پڻ جمع ڪرائڻا پوندا آهن، جڏهن ته ايپ جو حصو بڻجڻ کان اڳ آن لائن انٽرويو ۾ شرڪت ڪرڻي پوندي آهي.

اختيارين موجب هن ٽيڪنالاجي جي مدد سان خاص طور تي نوجوانن ۾ شادي ڪرڻ جي حوصلا افزائي ٿي آهي.

ان کان اڳ نوجوان جوڙا ٺاهڻ ۾ مدد ڏيندڙ روايتي خدمتن ۾ دلچسپي ظاهر نه ڪندا هئا.

هن پروگرام جي نتيجي ۾ جاپان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ شادين جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي.

هن پروگرام جو بنيادي مقصد جاپان ۾ پيدائش جي شرح وڌائڻ آهي، ۽ حڪومت شادين جي شرح وڌائڻ لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اي آءِ ٽيڪنالاجي پاڻمرادو رشتا طئي نٿي ڪري سگهي، پر اها مناسب زندگيءَ جي ساٿي جي ڳولا ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ضرور گهٽائي سگهي ٿي.

You might also like