وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پابندي مڙهيل ڪشمير ايڪشن ڪميٽي جا ماڻهو اجائي ضد ۾ ويٺا آهن ۽ دشمن کي فائدو پهچائي رهيا آهن.
خانگي ٽي وي جي پروگرام۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ميرپور ۾ پولنگ جو عمل مجموعي طور تي ٺيڪ رهيو. هن چيو ته عوام جي عدالت جيڪو فيصلو ڪندي، ان کي مسلم ليگ (ن) به تسليم ڪندي ۽ پيپلز پارٽي به قبول ڪندي.
راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن آزاد ڪشمير ۾ نگران حڪومت هجي ها ته وزير به اتي وڃي نه سگهن ها. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن طرفان لڳايل الزامن بابت هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري يا صدر آصف زرداري سان ملاقات ۾ فارم 47 جو معاملو اٿاريو ويندو.
ٻئي پاسي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آزاد ڪشمير چونڊن جو پهريون مرحلو شفاف نه رهيو آهي. هن چيو ته نتيجا جيتري دير سان سامهون ايندا، شڪ شبها اوترا وڌيڪ وڌندا. جيڪڏهن چونڊون شفاف ٿيون ته آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهندي.