سنڌ ۾ سوين ٻار ايڇ آءِ وي جا متاثر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ ۾ گذريل لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي دوران ايڇ آءِ وي ايڊز جا 4 وڏا آئوٽ بريڪ سامهون اچي چڪا آهن، پر ان باوجود انفيڪشن ڪنٽرول، سرنجن جي محفوظ استعمال، رت جي اسڪريننگ، خانگي ڪلينڪن جي نگراني ۽ غير محفوظ طبي طريقن جي خاتمي لاءِ اثرائتي ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي اڃا تائين جوڙي نه سگهجي آهي.

2016ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڊائليسس ڪرائيندڙ مريضن ۾ ايڇ آءِ وي جي منتقلي جو وڏو واقعو سامهون آيو، جنهن کان پوءِ سنڌ بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي ۽ لاڳاپيل نظام تي سنگين سوال اٿاريا ويا ۽ ڪجهه بلڊ بينڪن خلاف ڪارروائي پڻ ڪئي وئي، پر مستقل سڌارا آڻي نه سگهيا.

ان کانپوءِ 2019ع ۾ رتوديرو ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جو خطرناڪ آئوٽ بريڪ سامهون آيو، جتي هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس کان متاثر ٿيا، جن مان 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار هئا.

عالمي صحت واري اداري (ڊبليو ايڇ او) سميت عالمي ادارن به ان واقعي کي غير معمولي قرار ڏنو، جڏهن ته جاچ ۾ غير محفوظ انجيڪشن ۽ استعمال ٿيل سرنجن کي ٻيهر استعمال ڪرڻ کي بنيادي سببن مان شامل ڪيو ويو.

ان کانپوءِ مئي 2026ع ۾ خيرپور جي گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ ايڇ آءِ وي متاثر ٻارن کي آڻڻ جو معاملو سامهون آيو، جنهن هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجڻ بابت سنگين سوال اٿاري ڇڏيا.

ٻئي پاسي ڪراچي جي ڪلثوم بائي وليڪا اسپتال ۾ نومبر 2025ع کان ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس سامهون اچڻ شروع ٿيا ۽ اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. ان معاملي تي لاڳاپيل اختيارين غفلت جو اعتراف ڪندي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي پڻ ڪئي، پر صحت عامه جي ماهرن جو چوڻ آهي ته رڳو انفرادي ڪارروايون هن مسئلي جو مستقل حل ناهن، بلڪه نظام ۾ بنيادي سڌارا ضروري آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته انهن سمورن وڏن آئوٽ بريڪن ۾ هڪجهڙو عنصر غير محفوظ طبي طريقا، خاص طور تي استعمال ٿيل سرنجن جو ٻيهر استعمال، انفيڪشن ڪنٽرول ۾ خاميون ۽ نگراني واري نظام جي ڪمزوري آهي. جيڪڏهن هر وڏي واقعي کان پوءِ اثرائتا سڌارا لاڳو ڪيا وڃن ها ته ايندڙ واقعن کي وڏي حد تائين روڪي سگهجي ها.

صحت عامه جي ماهرن جو چوڻ آهي ته بار بار ٿيندڙ اهي واقعا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته هر سانحي کان پوءِ عارضي قدم ته کنيا ويا، پر بنيادي سڌارا ۽ مضبوط نگراني وارو نظام قائم نه ٿي سگهيو، جنهن سبب ايڇ آءِ وي جو ڦهلاءُ لڳاتار هڪ سنگين عوامي صحت جي بحران جي صورت اختيار ڪندو پيو وڃي.

هلندڙ سال اپريل ۾ ميڊيڪل مائڪرو بائلاجي اينڊ انفڪشس ڊزيزز سوسائٽي آف پاڪستان ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي جي تيزي سان وڌندڙ ڦهلاءَ تي تفصيلي وائيٽ پيپر جاري ڪيو هو.

ان وائيٽ پيپر ۾ خبردار ڪيو ويو هو ته پاڪستان ۾ 2010ع کان پوءِ ايڇ آءِ وي متاثر ماڻهن جي انگ ۾ 4.3 ڀيرا اضافو ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ايڊز سبب ٿيندڙ سالياني فوتگين ۾ به ڪيترائي ڀيرا واڌ ٿي آهي.

رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو هو ته ملڪ ۾ متاثر ماڻهن مان رڳو 21 سيڪڙو ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي رهي آهي، جڏهن ته صرف 16 سيڪڙو مريض علاج تائين پهچي رهيا آهن.

You might also like