ايم ڪيو ايم اختلافن جي وَر، فاروق ستار جو خالد مقبول کان استعيفيٰ جو مطالبو

ڪراچي (ع آ ڊاٽ پي ڪي) متحدا قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اندروني اختلافن شديد صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي ۽ پارٽي اندر موجود مختلف ڌڙن جي ويڙهه هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي.

پارٽي ۾ پهرين کان موجود ٻن گروپن کانپوءِ هاڻي ڊاڪٽر فاروق ستار گروپ به مڪمل طور تي متحرڪ ٿي ويو آهي. ان اندروني ڇڪتاڻ جي واضح جھلڪ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي هينئر واري جلسن ۾ ڏٺي وئي، جتي فاروق ستار گروپ جو ڪو به اڳواڻ يا ڪارڪن نظر نه آيو.

ذريعن موجب فاروق ستار گروپ مطالبو ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جو چئيرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڪامران ٽيسوري کي سنڌ جو گورنر برقرار رکڻ لاءِ سخت موقف اختيار ڪري.

ان سان گڏوگڏ فاروق ستار گروپ اهو شرط به رکيو آهي ته ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي پاڻ وفاقي وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ۽ اها وفاقي وزارت ڊاڪٽر فاروق ستار کي ڏياري.

ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي اهم ۽ سينئر اڳواڻن فاروق ستار کي پرچائي معاملن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهڙيون ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون آهن.

هاڻوڪي صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم اندر 3 مختلف گروپ کلي سامھون اچي چڪا آهن، تنهن هوندي به انهن سڀني اختلافن، مصطفيٰ ڪمال ۽ فاروق ستار گروپ جي اعلانيل مخالفت جي باوجود تنظيمي اعتبار کان ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جو گروپ هاڻي به سڀ کان وڌيڪ مضبوط نظر اچي رهيو آهي ۽ سندس تنظيم تي گرفت برقرار آهي.

ٻئي پاسي سياسي تجزئي نگارن ۽ مبصرن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ان شديد اندروني انتشار ۽ پاڻ ۾ ويڙهه جو سڌو سنئون سياسي فائدو آفاق احمد کي ملي رهيو آهي.

هينئر ئي ٻنهي پارٽين جي طاقت جو مظاهرو به ڏسڻ ۾ آيو، جتي گروپن جي ويڙهه سبب لانڍي واري علائقي ۾ ٿيندڙ مهاجر قومي موومينٽ جو جلسو، ايم ڪيو ايم شاهه فيصل ڪالوني واري جلسي جي ڀيٽ ۾ تمام وڏو ۽ ماڻهن سان ڀريل هو.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ٻن مختلف گروپن هڪ ئي ڏينهن 2 الڳ الڳ شهرن ۾ جلسا ڪري پنهنجي سياسي مخالفن بدران اصل ۾ هڪ ٻئي تي برتري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

You might also like