ايراني پرڏيهي وزير جو سعودي ۽ عماني هم منصبن سان رابطو، آبناءِ هرمز بابت ڳالهيون

ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سعودي عرب ۽ عمان جي پرڏيهي وزيرن سان الڳ الڳ ٽيليفون تي رابطا ڪيا آهن.

ايراني خابرو اداري موجب عباس عراقچي عمان جي پرڏيهي وزير بدر البوسعيدي ۽ سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان سان ڳالهين دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ٽنهي سفارتي عملدارن خطي ۾ استحڪام ۽ گڏيل سفارتي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تعاون مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

ڳالهين دوران آبناءِ هرمز ۾ پيدا ٿيل صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

You might also like