سنڌ اسان لاءِ ريڊ لائين آهي، سنڌ جي ورهاست ڪڏهن به قبول ناهي: ترجمان سنڌ حڪومت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته سنڌ اسان لاءِ ريڊ لائن آهي، پيپلز پارٽي ڪڏهن به سنڌ کي انتظامي يونٽن ۾ ورهائڻ جي حمايت نه ڪئي آهي ۽ نه ئي مستقبل ۾ ڪندي.

سعديه جاويد چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ معاشي بحران موجود آهي، اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ انتظامي يونٽن کي هلائڻ لاءِ پئسا ڪٿان آندا ويندا؟ ملڪ جون معاشي حالتون اجازت نٿيون ڏين ته وڌيڪ انتظامي يونٽ ٺاهيا وڃن.

هن چيو ته انتظامي يونٽن جو معاملو متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جو سياسي اسٽنٽ آهي. مصطفيٰ ڪمال اڍائي سالن کان صحت وارو وزير آهي، هن پنهنجي ووٽرن لاءِ ڪڏهن آواز اٿاريو؟ خالد مقبول صديقي ڪا يونيورسٽي قائم ڪئي؟ يا تعليم جي شعبي ۾ ڪو منصوبو ڏنو؟

سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي ۽ سنڌ جي ورهاست پيپلز پارٽي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته پنجاب جا ماڻهو پنجاب ۾ انتظامي يونٽن جي ورهاست چاهين ٿا، پر سنڌ جا ماڻهو اهڙو مطالبو نٿا ڪن.

سعديه جاويد چيو ته ڪراچي ۾ انفرااسٽرڪچر تي ڪم ٿي رهيو آهي، جيترو ڪم ٿيڻ گهرجي اوترو نه ٿي رهيو آهي. يونيورسٽي روڊ تي شهرين کي تڪليف برداشت ڪرڻي پوي ٿي. هن چيو ته مان 40 سالن کان ڊفينس ۾ رهي رهي آهيان، منهنجي گهر ۾ به پاڻي نٿو اچي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته ڪراچي ۾ ڪيترائي مسئلا موجود آهن، پر اسان حالتون بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. سڄو بار رڳو اسان تي نٿو وجهي سگهجي. هن چيو ته هن سال جي آخر تائين ڪراچي جي حالتن ۾ بهتري نظر ايندي.

ريڊ لائن منصوبي بابت سعديه جاويد چيو ته منصوبي تي تيزي سان ڪم جاري آهي، جڏهن ته ريڊ لائن جي مڪسڊ لين ٽريڪ کي مڪمل ڪرڻ جي آخري تاريخ 31 جولاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like