آزاد ڪشمير چونڊن جو پهريون مرحلو: 13 تڪن مان 9 تي ن ليگ جي سوڀ، پيپلزپارٽي جو ٻيو نمبر

آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ مسلم ليگ (ن) غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب هينئر تائين برتري حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي ٻئي نمبر تي رهي آهي.

آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي ميرپور، ڪوٽلي ۽ ڀمبر ڊويزنن جي 13 تڪن تي سومر ڏينهن ووٽنگ ٿي. شام 5 وڳي ووٽنگ جو مقرر وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ ووٽرن جي سهولت لاءِ هڪ ڪلاڪ وڌيڪ وقت ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ڪيو ويو.

ميرپور ڊويزن جي 13 ئي تڪن جا مڪمل غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا سامهون اچي ويا آهن، جن موجب 9 تڪن تي مسلم ليگ (ن) جڏهن ته 4 تڪن تي پاڪستان پيپلز پارٽي ڪاميابي ماڻي آهي.

غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب ايل اي 1 ميرپور 1، ايل اي 4 ميرپور 4، ايل اي 5 ڀمبر 1، ايل اي 6 ڀمبر 2، ايل اي 7 ڀمبر 3، ايل اي 9 ڪوٽلي 2، ايل اي 11 ڪوٽلي 4، ايل اي 12 ڪوٽلي 5 ۽ ايل اي 13 ڪوٽلي 6 تان مسلم ليگ (ن) جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته ايل اي 2 ميرپور 2، ايل اي 3 ميرپور 3، ايل اي 8 ڪوٽلي 1 ۽ ايل اي 10 ڪوٽلي 3 تان پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

You might also like