نوجوانن ۾ تيزي سان وڌندڙ وات ۽ ڳچيءَ جي ڪينسر کي ڪيئن روڪجي؟

سڄي دنيا ۾ هر سال 27 جولاءِ تي منهن ۽ ڳچيءَ جي ڪينسر جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.

هن قسم جي ڪينسر بابت اڳ اهو سمجهيو ويندو هو ته اهو گهڻو ڪري تماڪ واپرائيندڙ وڏي عمر وارن ماڻهن کي ٿيندو آهي، پر هاڻي ان حوالي سان واضح تبديلي ڏسڻ ۾ آئي آهي.

حقيقت ۾ نوجوانن ۾ وات ۽ ڳچيءَ جي ڪينسر جي ڪيسن ۾ ڳڻتي جوڳي واڌ ٿي رهي آهي، ۽ اهڙن ماڻهن ۾ به هن بيماري جي سڃاڻپ ٿي رهي آهي، جيڪي ڪڏهن به تماڪ واپرائن ئي نٿا.

هن عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ان موتمار بيماري بابت عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ ان ڳالهه تي روشني وجهڻ آهي ته هي ڪينسر نوجوانن ۾ تيزي سان ڇو وڌي رهيو آهي ۽ ان کان بچاءُ ڪيئن ممڪن آهي.

ڪينسر جو خطرو وڌائيندڙ روايتي سببن ۾ تماڪ واپرائڻ ۽ شراب نوشي اهم آهن، پر ايڇ پي وي (HPV) وائرس، جيڪو جنسي رابطن ذريعي پکڙجندڙ انفيڪشن جو سبب بڻجي ٿو، اهو به هن ڪينسر جو خطرو وڌائي سگهي ٿو.

منهن ۽ ڳچيءَ جي ڪينسر ۾ وات، نڙي، ٽانسلز ۽ زبان جو ڪينسر پڻ شامل آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته تماڪ سان لاڳاپيل وات جي ڪينسر ۽ ايڇ پي وي سبب ٿيندڙ وات جي ڪينسر جي وچ ۾ فرق کي سمجهڻ ضروري آهي. جيڪڏهن بيماري جي سڃاڻپ شروعاتي مرحلي ۾ ٿي وڃي ته علاج ڪامياب ٿيڻ جا امڪان گهڻو وڌي وڃن ٿا.

ايڇ پي وي ويڪسين منهن ۽ ڳچيءَ جي ڪينسر جي مختلف قسمن کان بچاءُ فراهم ڪري سگهي ٿي.

ماهرن موجب جيڪڏهن هي ويڪسين 9 کان 14 سالن جي عمر وارن ٻارن کي لڳائي وڃي ته کين ڊگهي عرصي تائين تحفظ حاصل ٿي سگهي ٿو.

ان سان گڏ تماڪ واپرائڻ کان پاسو ڪرڻ، شراب نوشي کان پرهيز ڪرڻ، وات جي صفائي جو خاص خيال رکڻ ۽ جنسي معاملن ۾ احتياط ڪرڻ سان ايڇ پي وي وائرس جي پکڙجڻ جو خطرو گهٽائي سگهجي ٿو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو تماڪ واپرائن يا شراب نوشي ڪن ٿا، انهن کي وات ۽ ڳچيءَ جي ڪينسر جي باقاعده اسڪريننگ ڪرائڻ گهرجي.

هن ڪينسر جون اهم علامتون هي آهن: وات يا هوڙن تي ڳاڙها يا اڇا داغ ظاهر ٿيڻ، وات يا زبان تي اهڙا ڦَٽ يا زخم جيڪي ٻن هفتن اندر نه ڀرجن، ڳچيءَ يا ڪنڌ ۾ بنا سور جي ڳوڙهي ٿيڻ، آواز جو بدلجي وڃڻ يا ڳلي جي سوڄ جو 14 ڏينهن کان وڌيڪ برقرار رهڻ، کاڌو چٻاڙي ڳهڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿيڻ ۽ بنا ڪنهن ظاهر سبب جي جسماني وزن ۾ گهٽتائي اچڻ.

You might also like