تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي ڪميٽي جي سربراهه ابراهيم عزيزي چيو آهي ته ايران خلاف ڪنهن به حملي جي هميشه قيمت چڪائڻي پوندي آهي، ۽ اها حقيقت اڄ به برقرار آهي.
هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل هن حقيقت کان چڱيءَ ريت واقف آهن.
ابراهيم عزيزي چيو ته شايد يوڪرين کي به جلد ئي اهو احساس ٿي ويندو ته ايران پنهنجي خلاف ٿيندڙ ڪاررواين جو جواب ڏيڻ کان سواءِ نٿو رهي.
هن وڌيڪ چيو ته ايران بابت غلط اندازا لڳائيندڙن جي فهرست ڏينهون ڏينهن ڊگهي ٿيندي پئي وڃي.
واضح رهي ته بحيرا ڪيسپين ۾ ايران جي هڪ واپاري بحري جهاز تي يوڪرين طرفان مبينا حملو ڪيو ويو.
هن صورتحال يوڪرين ۽ وچ اوڀر ۾ جاري تڪرارن جي پاڻ ۾ لاڳاپن ۽ ممڪن نئين محاذ بابت خدشن کي جنم ڏنو آهي.
ايران موجب جهاز تي ٿيل حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ هڪ ٻيو زخمي ٿيو آهي.
ايران جي پرڏيهي وزارت ايراني بحري جهاز تي يوڪرين جي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ يوڪرين جي ناظم الامور کي طلب ڪري سرڪاري احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.
ان حوالي سان، ان کان اڳ يوڪرين جي صدر زيلينسڪي چيو هو ته بحيرا ڪيسپين ۾ مبينا طور ايران کان هٿيار کڻي ويندڙ روسي بحري جهاز کي نشانو بڻايو ويو آهي.