ڳالهين جا پيغام پهچن ٿا پر ترجيح خودمختياري جو دفاع آهي: اسماعيل بقائي

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته پاڪستان ۽ قطر سميت ٽياڪڙ ملڪ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ پيغامن جي ڏي وٺ ڪرائي رهيا آهن، پر ايران جي پهرين ترجيح حملن دوران پنهنجي خودمختياري جو دفاع ڪرڻ آهي.

هن چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ثالثن ذريعي رابطي جو سلسلو جاري آهي.

سندس موجب، ايران مفاهمتي يادداشت تحت 30 ڏينهن اندر آبناءِ هرمز مان محفوظ گذرگاهه يقيني بڻائڻ جو واعدو پورو ڪيو، پر اها مدي ختم ٿيڻ کان اڳ ئي آمريڪا مبينا بحري واقعن کي جواز بڻائي نوان حملا شروع ڪري ڇڏيا.

هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته گذريل هڪ سال دوران هي ٽيون ڀيرو آهي جو ڳالهين دوران حملا ڪري ايران جي سفارتي ڪوششن کي نقصان پهچايو ويو.

بقائي اهو به چيو ته مفاهمتي يادداشت باوجود آمريڪا اڃا تائين ايران جا منجمد اثاثا آزاد نه ڪيا آهن.

You might also like