ايران خلاف وڏا حملا ٻيهر ممڪن آهن، پر هٿيارن جا ذخيرا گهٽجي ويندا: آمريڪي جنرل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين جنرل ڊين ڪين چيو آهي ته ايران خلاف وڏي پيماني تي فوجي ڪارروائي ٻيهر شروع ڪرڻ ممڪن آهي، پر ان سان آمريڪي فوج وٽ موجود ميزائلن جا ذخيرا خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويندا.

هڪ سينيئر آمريڪي عملدار، جنهن پنهنجو نالو ظاهر نه ڪيو، چيو ته ايران تي حملن جا نتيجا اميدن جي ابتڙ نڪتا آهن. انهن حملن ايران کي اندروني طور وڌيڪ متحد ڪيو آهي ۽ ايراني قيادت کي ٻاهرين خطرن تي ڌيان ڏيڻ جو موقعو مليو آهي.

آمريڪي ميڊيا موجب، صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي جاري حملا روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته اهو اڃا واضح ناهي ته اهي حملا عارضي طور روڪيا ويا آهن يا مڪمل جنگبندي ٿي چڪي آهي.

You might also like