ڇا پاڪستاني نوجوان به حقن لاءِ نڪري سگهن ٿا؟

واشنگٽن/اسلام آباد(شهباز گل) صحافي سهيل چوڌري خبر ڏني آهي ته ايف آءِ اي هاڻي اهي اختيار وٺڻ چاهي ٿي يا کين ڏنا ويا آهن ته ايئرپورٽ تي اهي ڪنهن به مسافر جو فون وٺي ان جو ڊيٽا، ڪالز، ميسيجز ۽ سوشل ميڊيا چيڪ ڪري سگهن ٿا. ۽ جيڪڏهن کين موبائل فون ۾ ڪا مشڪوڪ شئي ملي ته اهي کين اتان آف لوڊ به ڪري سگهن ٿا، يعني جهاز ۾ ويهڻ کان روڪي به سگهن ٿا. ٻئي طرف انڊيا مان جيڪي وڊيوز آيون انهن به پوري دنيا کي حيران ڪيو ته رياست ڏنڊو کنيو، پر پاڪستاني کين پوءِ به رشڪ سان ڏسي رهيا آهن. ڇو ته اتي ڪنهن جي سسيءَ ۾ گولي ناهي هنئي وئي، ڪنهن جي ڄنگهه ۾ گولي ناهي هنئي وئي. پهرين ڏينهن لاٺي چارج ٿيو، پوليس کي ڊبل لاٺي چارج انهن ئي نوجوانن ڪيو. جڏهن ته  تعليم واري وزير هٽائڻ کانپوءِ اتي ڊانس ٿي رهيا آهن، جشن ملهائجي رهيو آهي ڪيترائي ماڻهو اهي چون ٿا ته ’پاڪستاني جنريشن زي سمهي پئي آهي ،پوري دنيا اندر جڏهن نوجوان ڪٿي به احتجاج ڪندا آهن ته انهن جي دلين اندر اهو احساس هوندو آهي ته اسان ان ئي ملڪ جا ٻار آهيون، اسان ڪيڏو به احتجاج ڪريون اسان کي ڪو گولي نه هڻندو، ڇو ته هي اسان جو پنهنجو ملڪ آهي، اسان ان ملڪ جو مستقبل آهيون پر پاڪستان ۾ طاقتورن اهو اعتماد جيڪو پاڪستاني نوجوانن وٽ هو، اهو ڦري ورتوآهي،هتي خوف جو راڄ آهي،

You might also like