ٺٽي ۾ عارب سولنگي ڳوٺ ڊاهڻ خلاف ڌرڻو هلندڙ،سياسي، سماجي اڳواڻن جي آمد

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽي لڳ ڳوٺ عارب سولنگي ۾ پوليس پاران مبينا گھر ڊاھڻ واري عمل خلاف احتجاج جاري، ڪئمپ تي مختلف متڪب فڪر جي ماڻھن جي آمد، ڳوٺاڻن سان يڪجھتي جو اظھار. ڳوٺ عارب سولنگي جي ڳوٺاڻن پاران پوليس جي بربريت خلاف ڳوٺ ٻاھران قائم ڪيل علامتي احتجاجي ڪئمپ تي ٻئي ڏينھن به احتجاج جاري رھيو جتي ڳوٺاڻن پاران پوليس جي زيادتين خلاف زوردار نعريبازي ڪئي وئي. جڏھن ته مختلف سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن پ پ جي سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻي ايم پي اي غلام قادر پليجو، ناليواري محقق ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو، اميرالبحر جي چيئرمين علي مير ملاح، حاجي علي حسن زرداري، واپاري ايسوسيئيشن ضلعي ٺٽي جي صدر ڊاڪٽر ڪامران قريشي، مٺا خان لاشاري سميت ٻين احتجاجي ڪئمپ تي پھچي متاثر ڳوٺاڻن سان ھمدردي جو اظھار ڪيو. متاثر ڳوٺاڻن موجب ٺٽو پوليس سندن گھر ڊاھي کين بي گھر ڪري ڇڏيو آھي، اسان جا معصوم ٻچڙا دربدر آھن، پوليس جي جارحيت خلاف احتجاج جاري رھندو، سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پڻ پوليس جي اھڙي عمل کي چئلينج ڪيو ويو آھي، اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آھي. جڏھن ته سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن پڻ ٺٽو پوليس ڳوٺ عارب سولنگي جي ڳوٺاڻن جا گھر ڊاھڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي متاثر ڳوٺاڻن سان انصاف ڪرڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي. ٻئي پاسي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو جي عدالت پوليس گردي جو شڪار ٿيل ڳوٺ عارب سولنگي جي پوليس پاران داخل ڪيس ۾ نامزد ڪيل 15 ڳوٺاڻن جي گرفتاري کان اڳ جي ضمانت منظور ڪري ورتي عدالت پوليس کي نامزد ڳوٺاڻن جي پڪي ضمانت لاءِ چار آگسٽ تي شنوائي مقرر ڪندي پوليس پيپرز سميت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل اشرف سمون ۽ ٺٽو بار جي اڳوڻي صدر پنهون عقيلي ڪورٽ ٻاھران صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته عدالتن ذريعي ڳوٺاڻن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ اسان وڪيلن جي ليگل ٽيم ڪم ڪري رهي آھي پوليس خلاف ڳوٺ تي ڪيل ڪاھ ڀڃ ڊاھ ڦرلٽ ۽ ٿيل نقصان جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ پڻ عدالت سان رجوع ڪري رهيا آھيون ۽ پوليس گردي کي هر صورت ۾ عدالتن ذريعي لغام ڏياري متاثر ڳوٺاڻن کي انصاف فراهم ڪيو ويندو.

You might also like