ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ بي چين پيءُ پنهنجي اڪيلي پٽ کي وٺي ڀر واري هڪ ڳوٺ جي ڏاهي شخص وٽ حاضر ٿيو. سندس اکين ۾ ڪا خواهش هئي ۽ لهجي ۾ التجا. ”سايئن! هي منهنجو اڪيلو سهارو آهي، هن کي پاڻ جهڙو عقلمند بڻاءِ.“ عقلمند مسڪرايو، ڇوڪري کي ايئن ڌيان سان ڏٺو، ڄڻ سندس اندر ۾ ليئو پائي رهيو هجي. پوءِ هن ٻه ٻڪرا ۽ ٻه ٻڪريون سندس حوالي ڪندي چيو: ”هي ڪاهه! هتان کان ٻه سو ميل پري هڪ جبل ٿِي. اتي وڃي رهه، ۽ جڏهن اهي ٻه سو ٿي وڃن ته پوءِ واپس اچجانءِ.“
ڇوڪرو ٻڪريون ڪاهي روانو ٿي ويو. وقت پنهنجي رفتار جاري رکي. موسمون بدليون، هوائون هليون، اڪيلائي سندس ساٿ ڏنو، اهو ڇوڪرو ان جبل جو همراز بڻجي ويو. ڳچ سالن کانپوءِ اهو ڇوڪرو ان عقلمند شخص وٽ موٽي آيو. هاڻي وٽس ٻه سئو ٻڪريون ۽ چهري تي هڪ گهرو اطمينان ۽ سڪون هو. سندس اکين ۾ گهرائي هئي، جو لڳو ٿي ته هو اهو ڪجهه ڏسي آيو آهي، جيڪو عام اک کان اوٽ هوندو آهي. عقلمند شخص کائنس پڇيو: ”اتي تون ڇا سکيو؟“
ڇوڪري هورڙيان جواب ڏنو: ”مان خاموشيءَ کي ٻڌڻ سکيو ۽ اکيون ٻوٽي ان دنيا کي ڏٺو، جيڪا کليل اکين سان نظر ناهي ايندي.“
اهو جواب ٻڌي عقلمند ماڻهوءَ جي چپن تي اطمينان ڀريل مرڪ تري آئي: ”هاڻي تون عقلمند ٿي چڪو آهين. وڃ! پنهنجي والدين ڏانهن موٽي وڃ-“ هاڻي اهو ڇوڪرو ٻڪرار نه پر پنهنجي اندر هڪ اهڙي دنيا آباد ڪري چڪو هو، جتي شور نه، شعور وسندو آهي.
مون ڳوٺ ۾ پنهنجي ٻني ۾ موجود تلاءُ جي ڪناري ڇپر تي ويهي اکيون ٻوٽي اهائي ڳالهه پئي سوچي، ڪجهه دير کانپوءِ اکيون کوليون ته سڄي تلاءُ ۾ پٻڻ جا گل نظر آيا. ان ئي گھڙيءَ مون کي وليم ورڊز ورٿ جو شاهڪار نظم ”The Daffodils“ ياد اچي ويو، جيڪو مون هاءِ اسڪول واري زماني ۾ انگريزيءَ جي ڪتاب ۾ پڙهيو هو. ان نظم ايڏو موهي وڌو هو جو مان اهو پڪو پهه ڪيو هو ته مرڻ کان اڳ اهو ماڳ کي ضرور ڏسندس، جتي وليم ورڊز ورٿ اهي سونهري گل ڏٺا هئا.
ڊيفوڊلز سونهري رنگ جا نازڪ نفيس، ۽ ڍنڍن ۾ پاڻ ئي ڦٽندڙ انگريزي گل هوندا آهن جيڪي مارچ ۽ اپريل جي سرد مهينن ۾ اتر-اولهه انگلستان جي جنت جهڙي علائقي ”ليڪ ڊسٽرڪٽ“ ۾ ايئن جهولندي نظر ايندا آهن، جيئن مئي جي گرم مهيني ۾ اسان وٽ ڪڻڪ جا سنگ جهومندي ڏسبا آهن. ان انگريزي گل کي نرگس جي گل سان ڀيٽ ڏني وئي آهي ۽ ان نظم جو خالق انگلستان جو ملڪ الشعراءِ ۽ ”فطرت جو شاعر“ وليم ورڊز ورٿ آهي.
15 اپريل 1806ع جو هي 32 سالن جو نوجوان شاعر پنهنجي ننڍي ڀيڻ سان گڏ ليڪ ڊسٽرڪٽ جي ڪناري سير سپاٽو ڪري رهيو هو ته اوچتو سندس نظر ان سهڻي، صاف سٿري ڍنڍ جي ڪناري ساون گھاٽن وڻن هيٺان انهن سونهري گلن جي قطارن تي پئي، جيڪي هوائن ۽ لهرن سان گڏ مستيءَ ۾ جهومي رهيا هئا. ان جي ٻن سالن کانپوءِ وليئم ورڊس ورٿ 18 مصرعن تي ٻڌل هڪ نظم لکيو ۽وري ڪجهه ورهين کانپوءِ ان ۾ ڪجهه ڪاٽ ڪوٽ ڪري، ڇهن ٻين مصرعن جو واڌارو ڪري عالمي ادب کي هڪ اهڙي شاهڪار نظم جي لاثاني، لازوال ۽ املهه سوکڙي ڏنايئن، جو ٻه صديون گذرڻ جي باوجود به اهو نظم انگريزي ٻوليءَ جي ڏهن عظيم ترين نظمن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. نظم جو ڪمال اهو آهي جو پڙهندي ئي يڪدم ياد ٿي وڃي ٿو.
24 مصرعن تي ٻڌل هن نظم جي هڪ مصرع کي، جيڪا نظم جي آخري چؤسٽي ۾ آهي، وليم ورڊز ورٿ پنهنجي نظم جو روح ڪوٺيو آهي. سٺي کان سٺو ترجمو ڪنهن شعر جي روح ۽ آهنگ کي جذب نٿو ڪري سگهي، تنهن هوندي به وليم ورڊز ورٿ جي ان نظم جي آخري چئوسٽي جو آزاد ترجمو ڪجهه هن ريت هوندو:
جڏهن مان خالي ذهن سان يا اداس
پنهنجي بستري تي ليٽندو آهيان.
ته اهي گل منهنجي اندروني اک ۾
چمڪي پوندا آهن.
اندروني اک، جيڪا اڪيلائيءَ جو عظيم
ترين ثمر آهي
۽ پوءِ منهنجي دل خوشيءَ وچان جهومي
پوندي آهي ۽ انهن گلن سان ناچ
ڪندو آهيان.
وليم ورڊس ورٿ لکيو آهي ته ان نظم جي اعليٰ سٽ هيءَ آهي:
”اندروني اک، جيڪا اڪيلائيءَ جو عظيم ترين ثمر آهي.“
پاڻ اهو ٻڌايو اٿايئن ته اها سٽ سندس نه، پر سندس زال جي ذهن جي تخليق آهي.
منهنجي نظرن مان هيل تايئن ڪو به اهڙو ڪتاب ناهي گذريو، جنهن ۾ ڪنهن ليکڪ چيو هجي ته هيءَ سٽ منهنجي گهر واريءَ جي آهي، پر هي پهريون موقعو آهي جو ڪو ملڪ الشعراءِ پنهنجي عظيم ترين نظم جي مشهور سٽ جي باري ۾ وڏي واڪي باسيندو هجي ته اها سٽ سندس نه، پر سندس گهر واريءَ جي چيل آهي.
ڇا اندروني اک اڪيلائيءَ جو عظيم ترين ثمر هوندي آهي؟ جي بلڪل، ايئن ئي آهي. اها ننڍڙي سٽ هڪ روحاني تجربي جو عظيم ترين ثمر معلوم ٿئي ٿي. ان ۾ سوچيندڙن لاءِ گھڻو ڪجهه آهي. ماڻهو اڪيلائيءَ کان ڊڄندا آهن، اڪيلائيءَ کان ڊيڄاريندا آهن. اها پنهنجي سمجهه، عقل ۽ تجربي جي ڳالهه آهي. اڪيلائي هڪ نعمت آهي، جنهن ۾ انسان اڪيلو هجڻ جي باوجود به اڪيلو ناهي هوندو. اڪيلائي اها اهڙي نعمت آهي، جيڪا ڪيترين ئي نعمتن جا دروازا کوليندي آهي.
پيغمبرن جا واقعا پڙهنداسين ته معلوم ٿيندو ته انهن مان ڪيترائي پيغمبر ننڍپڻ ۾ ڌنار هوندا هئا صبح ساجهر رڍون ٻڪريون ڪاهي گهران نڪري ويندا هئا ۽ سڄو ڏينهن جبلن ۽ صحرائن ۾ اڪيلا پيا گھمندا وتندا هئا. جابلو مرد ۽ صحرائي شخص فطرت جو رازدان، پيغام رسايئندڙ ۽ نگهبان هوندو آهي. جبل سندس خيالن کي پاڻ جيڏو اوچو ڪندا آهن ته صحرا وري سندس احساسن کي صحرا جهڙي وشالتا ڏيندا آهن.
نبي سڳوري ﷺ جو ننڍپڻ به ايئن ئي گذريو. هڪ اڪيلي ۽ يتيم ٻارڙي جو ننڍپڻ. جوان ٿيو ته پسند جي شادي ڪيايئن ۽ پوءِ آل اولاد وارو ٿيو ته به اڪيلائي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀرئي ترئي گهر کان ٽي چار ميل پري غارِ حرا ڏانهن نڪري ويندو هو ۽ پوءِ ڏينهن جا ڏينهن اتي رهي پوندو هو. اڪيلائيءَ کان ڊڄندڙن کي ڪهڙي خبر ته مڪمل خلوت ملڻ سان ئي خاص جلوت نصيب ٿيندي آهي. اها ڪنهن ڪنهن جي مقدر ۾ لکيل هوندي آهي. اها ڪڏهن گهرڻ سان به ناهي ملندي ۽ ڪڏهن اڻ گهري به ملي پوندي آهي.
لفظ ”اڪيلائي“ ظاهري طور ته هڪ خاموشي، هڪ ويراني، هڪ اداسي ۽ هڪ دوريءَ جي احساس سان ڀريل آهي، پر اها ئي اڪيلائي جڏهن انسان جي اندر سان همڪلام ٿيندي آهي ته پوءِ هڪ اهڙي روشنيءَ کي جنم ڏيندي آهي، جيڪا نه اکين سان ڏسي سگهجي ٿي ۽ نه ئي وري لفظن ۾ مڪمل طور تي بيان ڪري سگهبي آهي. هيءَ اها ئي گهڙي آهي، جڏهن ”Inward Eye“ يعني اندرين اک جاڳي پوندي آهي ۽ هيءَ اها ڪيفيت آهي، جنهن کي ”Bliss of solitude“ چيو ويو آهي.
هيءَ اندرين اک ڀلا آهي ڇا؟ هيءَ اها اک ناهي، جيڪا دنيا جا رنگ ڏسندي آهي، پر اها آهي، جيڪا حقيقت جا رنگ سڃاڻيندي آهي. هيءَ اها نظر آهي، جيڪا چهرن پويان لڪل جذبن، لفظن پويان لڪل نيت ۽ ارادن، ۽ زندگيءَ جي هل هنگامن پويان لڪل خاموش صدائن کي ٻڌي سگهندي آهي. اها اک تڏهن کُلندي آهي، جڏهن ظاهري اکيون بند ٿينديون آهن، جڏهن انسان دنيا جي شور کان پري ٿي پنهنجي اندر ۾ گهڙندو آهي. روحانيت جي دنيا ۾ ان کي ”دل جي اک“ سڏيو ويندو آهي.
صوفين جي خيال ۾ هي ئي اهو هنڌ آهي، جتي انسان پنهنجو پاڻ سان ملندو آهي. هو پاڻ کي پهريون ڀيرو سچائيءَ جي ايئني ۾ ڏسندو آهي بنا ڪنهن بناوٽ جي ۽ بنا ڪنهن ڏيکاءُ جي. عام طور تي ماڻهو اڪيلائيءَ کان ڊڄندو آهي، کيس لڳندو آهي ته اڪيلو هجڻ اداسي آهي، محرومي آهي يا وري ڪنهن شئي جي کوٽ آهي، پر حقيقت ۾ اڪيلائي هڪ دروازو آهي. هڪ اهڙو دروازو، جيڪو انسان کي پنهنجي اندر جي دنيا ۾ وٺي ويندو آهي. جڏهن انسان اڪيلو ٿيندو آهي ته هو ٻين سان سلهڙيل اميدن کان آجو ٿي ويندو آهي، هو پاڻ کي ٻڌي سگهندو آهي ۽ گڏوگڏ پنهنجي روح جي ڌڙڪن کي محسوس ڪندو آهي.
صوفين جي تعليم ۾ اڪيلائيءَ کي ”خلوت“ چيو ويو آهي. خلوت اها حالت آهي، جڏهن انسان پاڻ کي دنيا کان ڌار ڪري پنهنجي پالڻهار سان جڙندو آهي. اها اڪيلائي اصل ۾ قربت جو ذريعو بڻبي آهي. قربت پنهنجي خالق سان، پنهنجي وجود سان ۽ ان سچ سان، جيڪو انسان جي اندر لڪل هوندو آهي. اندرين اک ايئن اوچتو ناهي کُلندي. ان لاءِ انسان کي هڪ ڊگهو سفر ڪرڻو پوندو آهي. هڪ اهڙو سفر، جيڪو ٻاهر نه، پر اندر پاسي ٿيندو آهي. ان سفر ۾ انسان خاموشي سکندو آهي، صبر ۽ سهپ سکندو آهي ۽ ڏسڻ بدران محسوس ڪرڻ سکندو آهي. ان سکيا کانپوءِ هو دنيا کي هڪ نئين پاسي ۽ نئين انداز ۾ ڏسڻ لڳندو آهي. هاڻي کيس رڳو شيون نظر ناهن اينديون، پر انهن جو مطلب ۽ معنيٰ به سمجهه ۾ اچڻ لڳندي آهي. هاڻي هڪ وڻ رڳو وڻ ناهي رهندو، پر زندگيءَ جي علامت بڻجي ويندو آهي. هوا جو جهوٽو صرف هڪ جهوٽو ناهي رهندو، پر هڪ پيغام بنجي ويندو آهي ۽ هڪ خاموش لمحو رڳو وقت ناهي رهندو، پر هڪ راز بڻجي ويندو آهي.
روحانيت جو اصل مقصد ئي اهو آهي ته انسان پنهنجي ”Inward Eye“ کي جاڳائي. جڏهن اها اک کُلندي آهي ته پوءِ انسان کي اهو احساس ٿيندو آهي ته حقيقت اها ناهي، جيڪا ڏسڻ ۾ ٿي اچي، پر اها آهي جيڪا محسوس ڪري سگهجي. ان مرحلي تي انسان پنهنجي اندر هڪ روشني محسوس ڪندو آهي. هڪ اهڙي روشني، جيڪا نه وسامندي آهي ۽ نه ئي وري جھيڻي ٿيندي آهي. اها روشني سندس رهنمائي ڪندي آهي، کيس واٽ ڏيکاريندي آهي ۽ اهڙي طرح کيس ڪامل سڪون عطا ڪندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو صوفي سڳورا گھڻو ڪري خاموش ئي رهندا هئا. سندن خاموشيءَ ۾ هڪ وڏو علم ۽ ڏاهپ سمايل هوندي هئي. ڇو جو اهي Outward نه پر Inward ڏسي رهيا هوندا هئا. جيڪڏهن انسان اڪيلائيءَ کي محرومي سمجهندو ته پوءِ اها کيس کائي ويندي، پر جيڪڏهن هو ان کي هڪ غنيمت يا موقعو سمجهندو ته پوءِ اها کيس ٺاهي ڇڏيندي. اڪيلائي دراصل هڪ ايئنو آهي. جيڪڏهن انسان ان ۾ پاڻ کي ڏسڻ جي همت ڪندو ته پوءِ ئي پاڻ سڃاڻي سگهندو ۽ پوءِ جيڪو پاڻ سڃاڻي وٺندو آهي، سو ئي حقيقت ۾ ڏاهو هوندو آهي.
وليم ورڊزورٿ جو نظم The Daffodils رڳو هڪ نظم ناهي، پر فطرت سان هڪ روحاني ڳانڍاپي جو ڳيچ آهي. هي نظم انسان جي دل ۽ دماغ تي هڪ لطيف ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن مان هي نظم پڙهندو آهيان ته مون کي ايئن محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ مان بهار جي مند ۾، جبلن جي هنج ۾، نديءَ ڪناري سونهري نرگس جي گلن جي هڪ ڊگهي قطار آڏو بيٺو آهيان. انهن گلن جو جھومڻ، ٿڌي هوا جو ڇهاءُ، پاڻيءَ جي رواني ۽ شاعر جو مشاهدو. سڀ ڪجهه ڄڻ ڪو سندر سپنو آهي. وليم ورڊزورٿ جو ڪمال اهو آهي جو هو لفظن ۾ اها روشني ڀري ٿو، جيڪا گهڙيءَ کي سڄي عمر لاءِ قيد ڪري ڇڏي ٿي. هو هڪ سادڙي ڏيک کي هڪ ياد جو خزانو بڻائي ڇڏي ٿو.
نرگس جا گل، شاعر لاءِ رڳو گل ناهن، پر فطرت جو پيغام آهن. گڏوگڏ اهي خوشيءَ، اميد ۽ حرڪت جو استعارو پڻ آهن. اهي گل، جن کي اڪثر ماڻهو هڪ نظر ڏسڻ کانپوءِ ياد ئي ناهن ڪندا، وليم ورڊزورٿ منجهائن روحانيت ڳولي ٿو. هو لکي ٿو ته جڏهن هو اڪيلو ۽ خاموش ٿيندو آهي ته پوءِ اهو نظارو سندس دل ۾ گونجڻ لڳندو آهي. ان مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته فطرت ۽ انسان جو پاڻ ۾ ڪيترو نه گھاٽو ڳانڍاپو آهي، ۽ اهڙا قدرتي نظارا ڪيئن نه انساني ذهن تي جٽادار اثر ڇڏين ٿا. ان تصور کي Romanticism (رومانويت) سڏيو ويو آهي. The Daffodils رڳو هڪ نظم ئي ناهي، پر هڪ احساس آهي. اهو اسان کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسڻ، فطرت کي محسوس ڪرڻ ۽ زندگيءَ جي ننڍين ننڍين خوشين ۾ وڏيون وڏيون حقيقتون ڳولڻ جو طريقو سيکاري ٿو.