ٺٽو: صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل، حاجي علي حسن زرداري، پوليس ڪارروائي کان متاثر ٿيل ڳوٺ عارب سولنگي پهچي متاثر ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪئي، سندن ڏکن ۾ شريڪ ٿيندي مڪمل سهڪار ۽ انصاف جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ساڻس گڏ قومي اسيمبلي ميمبر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽو جي صدر صادق علي ميمڻ، پ پ اڳواڻ عاشق حسين زرداري، ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنهور ۽ ٻيا چونڊيل نمائندا ۽ پارٽي اڳواڻ پڻ موجود هئا. ان موقعي تي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو نعرو "روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان” آهي، جڏهن ته عارب سولنگي ڳوٺ ۾ پوليس طرفان ٿيل زيادتي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. هن اعلان ڪيو ته ڳوٺ کي ٻيهر تعمير ڪري ماڊل وليج بڻايو ويندو ۽ متاثر خاندانن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته ڳوٺ ڊاهڻ واري ڪارروائي ۾ جيڪي به پوليس ۽ روينيو عملدار ملوث آهن، انهن خلاف 2 آگسٽ تائين سخت قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته ذميوار پوليس اهلڪارن کي ضلعي بدر ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ھن چيو ته ڳوٺاڻن جي هر حوالي سان مدد ڪئي ويندي، ڀڃ ڊاھ جو مڪمل ازالو ڪيو ويندو ۽ جيستائين ڳوٺ ٻيهر آباد نٿو ٿئي، تيستائين متاثر خاندانن کي کاڌ خوراڪ، رهائش ۽ ٻيو ضروري سامان فراهم ڪيو ويندو، ڳوٺ جي زمين واري معاملي تي به ڳالهين ذريعي حل ڪڍيو ويندو، ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته متاثر ڌر کي حڪومت جي سهڪار سان پئسن تي زمين خريد ڪري ڏني ويندي،هن چيو ته هن معاملي بابت وڏي وزير سان به ڳالھ ٿي آهي.