ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) پاران قومي ڪارڪن علي حسن چانڊيو جي 13هين ورسي ملهائي وئي.
ڪراچي جي مخدوم بلاول واري علائقي ۾ ٿيل ورسي تقريب ۾ ايس يو پي صدر سيد زين شاهه، مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، وڪيلن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته علي حسن چانڊيو هڪ ذميوار سياسي ڪارڪن هو، جنهن جون سنڌ جي حقن لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.
پاڻي جي معاملي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جي رياستي مشينري آئين کان هٽي ڪري ڪم ڪري رهي آهي ۽ جلال پور ڪئنال ذريعي زبردستي پاڻي کڻي سنڌ سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سنڌ اڳ ئي 30 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي رضامندي کانسواءِ ڪئنال ٺاهي سنڌ جو پاڻي ڦريو پيو وڃي ۽ وفاق سان گڏ پيپلز پارٽي به پاڻي ۽ ٻين وسيلن جي ڦرلٽ ۾ سڌي ريت ملوث آهي.
زين شاهه چيو ته سنڌ جو عوام هاڻي منافق ۽ دوکيباز سياستدانن کي سڃاڻي چڪو آهي ۽ پنهنجي حقن جي حفاظت ڪندڙ قوتن جو ساٿ ڏيندو.
رياست پيپلز پارٽيءَ جي ڳٺ جوڙ سان سنڌ جي پاڻي ۽ ٻين وسيلن جي ڦرلٽ ڪري رهي آهي: سيد زين شاهه
You might also like