ڌاٻيجي (ن ع آ) جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته پريا ڪماري گذريل ڪيترن سالن کان گم آھي سندس امڙ روئي بيحال ٿي چڪي آهي پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي سري، سنڌ اندر هٿ وٺي ڏڪار واري صورتحال پيدا ڪري آبادگارن کي لکين روپين جو قرضي ڪري ڇڏيو آهي، شهيد مشتاق خاصخيلي جي ورسي سلسلي ۾ شهيد جي مزار تي ويندي ڌاٻيجي ۾ صحافين سان ڳالهيندي چيو ته سنڌ اندر لاقانونيت وڌي وئي آھي، ڦرون چوريون ڌاڙا لڳن پيا، پريا ڪماري گذريل ڪيترن سالن کان گم آھي پر اڃا تائين ان کي آزاد ڪرڻ لاءِ حڪومت قدم ناهي کنيو، هن چيو ته شهيد مشتاق سنڌ جو شهيد آهي، سنڌي قوم سان وچن ٿا ڪيون هر گهڙي ۾ مظلوم ماروئڙن سان شهيد بابا بشير خان جيان گڏ آهيون، سنڌ تي ڪنهن به قسم ڌاڙو قبول نه ڪيو ويندو.