سونم وانگچڪ 26 ڏينهن کانپوءِ بک هڙتال ختم ڪري ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ناليواري سماجي ڪارڪن ۽ تعليمي ماهر سونم وانگچڪ تعليمي سڌارن جو مطالبو ڪندڙ نوجوان مظاهرين جي حمايت ۾ جاري پنهنجي 26 ڏينهن واري بک هڙتال ختم ڪري ڇڏي آهي.
سونم وانگچڪ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته مختلف ڌرين سان ڊگهن ڳالهين ۽ ملڪ ۾ امڪاني ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ هن بک هڙتال ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
واضح رهي ته 59 ورهين جو وانگچڪ، ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي احتجاج جي حمايت ۾ بک هڙتال تي ويٺو هو، جيڪي اين اِي اِي ٽي داخلا امتحان جو پرچو ليڪ ٿيڻ کانپوءِ تعليمي سڌارن ۽ ڀارتي تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
وانگچڪ جو چوڻ هو ته بک هڙتال دوران سندس وزن 11 ڪلوگرام گهٽجي ويو هو، جڏهن ته گذريل هفتي دهلي پوليس کيس احتجاج واري هنڌ تان اسپتال منتقل ڪيو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، حڪومت جي ان خاطري کانپوءِ ته جنتر منتر تي احتجاج ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي نه ڪئي ويندي، وانگچڪ پنهنجي بک هڙتال ختم ڪئي.
ان دوران ڀارت جي صحت واري وزير ۽ ٻين سرڪاري نمائندن به اسپتال ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي باني اڀيجيت ديپڪي وانگچڪ جي فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هو 26 ڏينهن کانپوءِ سندس بک هڙتال ختم ڪرڻ تي مطمئن آهن، جڏهن ته واضح ڪيو ته تعليم واري وزير جي استعيفيٰ تائين جنتر منتر تي پرامن احتجاج جاري رهندو.
ياد رهي ته نئين دهلي ۾ تعليمي سڌارن لاءِ احتجاج جاري آهي، جڏهن ته پارليامينٽ ڏانهن مارچ دوران پوليس جي ڪريڪ ڊائون ۾ ڪيترائي مظاهرين ۽ اهلڪار زخمي پڻ ٿيا هئا.

You might also like