ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي تاريخي لي مارڪيٽ جي بحالي دوران ٻه قديم جا مجسما هٿ آيا آهن، جن بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي شهر جي تاريخ بابت اهم ڄاڻ فراهم ڪري سگهن ٿا.
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اولڊ سٽي ايريا ۾ لي مارڪيٽ جي بحالي واري ڪم دوران قديم آثارن جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو، جتي کوٽائي دوران ٻه قديم مجسما هٿ آيا آهن.
سندس چوڻ هو ته هٿ آيل مجسمن کي محفوظ ڪيو ويو آهي، جنهن جي جاچ قدم آثارن جي ماهرن کان ڪرائي ويندي، جيڪي مجسمن جي عمر ۽ تاريخي اهميت جو تعين ڪندا.
مرتضيٰ وهاب چيو ته تاريخي ورثي جي تحفظ لاءِ دريافت ٿيل شين جو مڪمل رڪارڊ ۽ دستاويز تيار ڪيو ويندو، جڏهن ته لي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ کوٽائي انتهائي احتياط سان جاري آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) شهر جي تاريخي ورثي جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ لي مارڪيٽ مان هٿ آيل شين جو سائنسي معائنو پڻ ڪرايو ويندو.
You might also like