ليفٽيننٽ جنرل عامر رضا فور اسٽار جنرل بڻجي ويو، نيشنل اسٽرٽيجڪ ڪمانڊ جو ڪمانڊر مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پاڪ فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل عامر رضا کي فور اسٽار جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي، کيس ڪمانڊر نيشنل اسٽرٽيجڪ ڪمانڊ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف جنرل عامر رضا کي ترقي ۽ نئين ذميواري ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي، اهم فرضن جي ادائيگي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
بيان موجب، جنرل عامر رضا 1988ع ۾ پاڪ فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، هن ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان گريجوئيشن ڪئي، جڏهن ته يونيورسٽي آف ناٽنگهم مان بين الاقوامي لاڳاپن جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي.
هو جنوري 2025ع ۾ چيف آف جنرل اسٽاف (جي ايڇ ڪيو) مقرر ٿيو هو.
ان کان اڳ هو فور ڪور ڪمانڊر ۽ چيئرمين هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا سميت اهم فوجي ذميواريون پڻ نڀائي چڪو آهي.

You might also like