تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز دعويٰ ڪئي آهي ته ايران، عراق جي ذريعي پيش ڪيل آمريڪي جنگبندي واري تجويز رد ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب، عراقي وزيراعظم علي الزيدي واشنگٽن جي تازي دوري کانپوءِ تهران پهتو، جتي هن ايراني قيادت سان ملاقاتن دوران آمريڪي جنگبندي واري تجويز پيش ڪئي، جنهن کي ايران قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اخبار موجب، آمريڪي آڇ جا مڪمل تفصيل سامهون ناهن آيا، ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته هو عارضي جنگبندي قبول نه ڪندا، ڇاڪاڻ ته ان ۾ آبناءِ هرمز جي ڪنٽرول بابت معاملو حل نه ڪيو ويو آهي.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته علي الزيدي واشنگٽن جي دوري بابت پنهنجا تاثر ۽ خيال ضرور پهچايا، پر ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اڳ ئي ڪيترائي ٽياڪڙ موجود آهن، مسئلو پيغام پهچائڻ جو نه، پر آمريڪا جي غير منطقي، لالچي ۽ ٻين تي ڪنٽرول قائم ڪرڻ واري رويي جو آهي.
You might also like