ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ کي سنڌودرياءَ مان آئيني ۽ قانوني حصي جو پاڻي نه ڏنو ويو ته صوبي جون زرخيز زمينون بنجر ٿي وينديون، سنڌ ڏڪار جو شڪار بڻجي ويندو ۽ ان جا سنگين اثر ايندڙ نسلن کي ڀوڳڻا پوندا. هن چيو ته وفاق ۽ سنڌ جا حڪمران هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ بدران انهن کي نقصان پهچايو آهي. هن سنڌ جي حڪمرانن پاران رات جي اونداهي ۾ ٻٻرلو ۾ پريا ڪماري سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان گم ٿيل نينگرين جي بازيابي لاءِ قائم احتجاجي ڪئمپ تي پوليس چڙهائي، سخت لٺبازي، عورتن، وڪيلن ۽ ٻين پرامن احتجاج ڪندڙن کي گهلي گرفتار ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اهڙو عمل جمهوريت، انساني حقن ۽ اظهار جي آزادي تي حملو آهي. هن مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪيل سمورن ماڻهن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، گم ٿيل نينگرين جي بازيابي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.انهن خيالن جو اظهار هن پنهنجي رهائشگاهه تي سنڌ جي مشهور سياسي ۽ سماجي شخصيتن، نامياري قانوندان جسٽس (ر) آفتاب گريرا، ڪامران گريرا ۽ سيد ولي الله شاهه سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي مذڪوره شخصيتن پنهنجن ساٿين سميت پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ملاقات ۾ مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي سيڪريٽري جنرل سردار عبدالرحيم، سيد غضنفر شاهه ۽ سيد سرڪار حسين شاهه پڻ موجود هئا. هن چيو ته سنڌ ۾ عوام کي نه رليف ملي رهيو آهي ۽ نه انصاف. قانون جي حڪمراني ڪمزور ٿي چڪي آهي ان موقعي تي سردار عبدالرحيم ۽ سيد عادل شاهه راشدي پڻ موجود هئا.