سنڌ حڪومت جو سوشل ميڊيا تي ناڪاري پروپيگنڊا خلاف قدم کڻڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت سماجي ميڊيا تي هلندڙ منفي ۽ گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سماجي ميڊيا تي گمراهه ڪندڙ ۽ ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءَ جي روڪٿام ۽ ان گھيراءُ لاءِ صوبي جي سطح تي هڪ خصوصي سيل قائم ٿيڻ گهرجي.سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ اطلاعات کاتي جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات ڪاشف گلزار شيخ، ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات معز پيرزادو، ڊائريڪٽرز محمد يوسف ڪابورو، حزب الله ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سماجي ميڊيا تي هلندڙ منفي ۽ گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ۽ قومي مفادن خلاف هلندڙ منفي مهمن کي ناڪام بڻائڻ بابت مختلف حڪمت عملين تي غور ويچار ڪيو ويو.اجلاس ۾ ڳالھائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪجھھ شرپسند ڌريون سماجي ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمن وسيلي ملڪ ۽ قومي مفادن خلاف گمراهه ڪندڙ مواد ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، اهڙن عنصرن خلاف قانون موجب اثرائتي ڪارروائي اڻٽر آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته سائبر ڏوهن جي روڪٿام لاءِ صوبي جي سطح تي هڪ خصوصي سيل قائم ڪيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته اظهارِ راءِ جي آزادي هر شهري جو آئيني حق آهي، پر اظهار جي آزادي جي نالي ۾ ڪوڙي ۽ گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ڪرڻ جي هرگز اجازت نٿي ڏئي سگهجي.سندس چوڻ هو ته ڪوڙين خبرن ۽ منفي پروپيگنڊا جو وقت سر ۽ اثرائتو تدارڪ وقت جي اهم ضرورت آهي، ۽ سنڌ حڪومت قومي مفادن جي تحفظ ۽ صحيح معلومات جي واڌاري لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي.

You might also like