واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته ايران کي وڏي قيمت چڪائڻي پوندي، ايران کي تباهه ڪيو پيو وڃي ۽ حملا جاري رهندا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اردن ۾ ايراني حملن ۾ مارجي ويل آمريڪي فوجين جي ياد ۾ ٿيل تقريب ڏانهن روانگي دوران صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل نٿو ڪري سگهي.
ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪي عوام جنگ جي خلاف ناهي ۽ نه ئي ايران خلاف شروع ڪيل جنگ جي مخالفت ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته آمريڪي شهري پيٽرول جي وڌندڙ اگهن جا خواهشمند ناهن، پر هو جنگ جي به مخالفت نٿا ڪن.