هراري (ويب ڊيسڪ) زمبابوي جا تيز بالر رچرڊ نگاروا ۽ بليسنگ مُزارباني هن وقت پنهنجي ڪيريئر جي بهترين فارم ۾ آهن ۽ ايندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڀارت لاءِ وڏو مسئلو بڻجي سگهن ٿا.
سال 2025ع جي شروعات کان زمبابوي جي هوم سيريز ۾ سيـم بالنگ اٽيڪ 12 فل ميمبر ملڪن مان بهترين بالنگ يونٽن ۾ شامل رهيو آهي، جنهن ۾ نگاروا ۽ مُزارباني اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
رچرڊ نگاروا زمبابوي جي تاريخ ۾ هيٿ اسٽريڪ کانپوءِ ٻيو اسپيشلسٽ فاسٽ بالر آهي، جيڪو قومي ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهي، جڏهن ته بليسنگ مُزارباني 2025ع ۾ رائل چيلنجرز بينگلور (آر سي بي) سان آءِ پي ايل کٽيندڙ اسڪواڊ جو حصو هيو.
ٻئي بالر گڏجي زمبابوي جي تيز بالنگ جو بنياد آهن ۽ ويجهڙائي وارن سالن دوران ٽيم جي ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
ڪرڪيٽ ماهرن موجب، ڀارت کي تازو آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دوري دوران هارڊ لينٿ بالنگ کيڏڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته نگاروا ۽ مُزارباني پنهنجي قد، تيز رفتار ۽ اوچي رليز پوائنٽ سبب اهڙي لينٿ تي انتهائي اثرائتي بالنگ ڪن ٿا.
ٻنهي گڏجي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 78، ون ڊي ۾ 62 ۽ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ 98 وڪيٽون ورتيون آهن، جيڪي زمبابوي جي تاريخ ۾ سڀ کان ڪامياب بالنگ جوڙي بڻجي چڪا آهن.
واضح رهي ته 2026ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران ٻنهي بالرن 19 وڪيٽن مان 15 وڪيٽون هارڊ لينٿ ۽ بائونسر تي حاصل ڪيون، مُزارباني آسٽريليا خلاف 17 رنسن عيوض 4 وڪيٽون وٺي پليئر آف دي ميچ پڻ رهيو.
زمبابوي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ آسٽريليا ۽ سريلنڪا کي شڪست ڏئي سپر 8 مرحلي تائين پهتو، جيڪو ٽيم جي تازي ڪارڪردگي جو سڀ کان وڏو ڪارنامو قرار ڏنو پيو وڃي.
ماهرن موجب، جيڪڏهن نگاروا ۽ مُزارباني پنهنجي موجوده فارم برقرار رکيو ته زمبابوي ٽي ڀيرا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ڀارت خلاف وڏو بيان ڏئي سگهي ٿو.
مسلسل شڪستن کانپوءِ زمبابوي پهتل ڀارت لاءِ نگاروا ۽ مُزارباني نئون چئلينج، ماهرن خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي
You might also like