بلاول يا جونيئر ذوالفقار ڀٽو؟ سسئي ڀٽو ڪهڙي ڪئمپ ۾ آهي؟

ڪراچي/لاڙڪاڻو(ارباب چانڊيو)ڪامريڊ شهيد شاهنواز ڀٽو جي ڌيءُ سسئي ڀٽو اڄڪلهه پاڪستان آيل آهي ۽ هن پنهنجي والد جي ورسي جي حوالي سان ڳڙهي خدا بخش ۾ سندس مزار تي حاضري پڻ ڏني، پهريون ڀيرو ائين ڏٺو ويو آهي، ڇو جو ڪافي عرصي کان پوءِ سسئي ڀٽو هن ڀيري ڪنهن ٻئي ڪيمپ ۾ نظر آئي آهي. پهرين هوءَ شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ ۽ ڌيءُ سان گڏ ڪيمپ ۾ نظر ايندي هئي. ڪافي عرصي تائين هوءَ پنهنجي پڦي (محترمه بينظير ڀٽو) جي ڪيمپ ۾ نه هئي سياست ۾ رشتن جي اهميت هوندي به آهي ۽ ناهي به هوندي پر ٻئي ڀٽو خاندان ۾ به رشتن جي اهميت کي سمجهيو ويندو آهي، پر هڪ وقت اهڙو آيو ڀٽو خاندان ۾ جڏهن رشتن جي اهميت کان اقتدار يا سياست جي اهميت کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي.جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جي 1993 ۾ حڪومت بڻي ته ان وقت مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجون سياسي راهون پنهنجي ڀيڻ کان ڌار ڪيون. ان جو   سبب اهو هو ته سندس آصف علي زرداري يا سندس دوستن سان نه لڳندي هئي، ان وقت بيگم نصرت ڀٽو  پنهنجي ڌيءَ کي ڇڏي پنهنجي پٽ جو ساٿ ڏنو ۽ مرڻ گهڙي تائين پٽ جو ساٿ ڏنو. جڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو شهيد ٿي ويو ته هوءَ ڪوما ۾ هلي وئي هن وقت جونيئر ذوالفقار  ۽ بلاول جي وچ ۾ ڪٿي نه ڪٿي اتفاق آهي. ۽ ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته ٻئي ٽڪراءُ واري پوزيشن ۾ نه ايندا. ان ڳالهه تي به اتفاق آهي ته ٻئي هڪ ٻئي کي نه ته هيٺاهون ڏيکاريندا ۽ نه هيٺ ڪرڻ ڏيندا. ان ڳالهه تي به اتفاق آهي ته ٻئي ڪنهن معاملي تي نه جهيڙو ڪندا، ان ڳالهه تي به اتفاق آهي ته ٻنهي جي هن وقت صنم ڀٽو سربراهي ڪري رهي آهي،هن وقت سسئي ڀٽو جونيئر ذوالفقار جي ڪيمپ کي ڇڏي جيڪڏهن آصفه ڀٽو جي ڪيمپ ۾ اچي وئي آهي، ته ان جو اهو مطلب ناهي ته سندن وچ ۾ ڪي وڏا اختلاف آهن. اختلافِ راءِ ٿي سگهي ٿو، پر گهڻن ئي ڳالهين ۾ سندن وچ ۾ اتفاق به آهي. ۽ ٻئي ان ڳالهه کي اصولي طور سمجهي ويا آهن ته ٻنهي جي پاڻ ۾ وڏي جهيڙي سان اسٽيبلشمينٽ کي فائدو ٿيندو آهي ۽ هو ان جو  هٿيار  نه بڻجندا. هي ٻئي خاندان جيڪي سالن کان اسٽيبلشمينٽ جا  ڏنگيل  آهن، سنڌ جي سياست ۾ ان ڳالهه تي به سندن اتفاق آهي ته ڪنهن ٻئي کي انٽري (داخلا) ناهي ڏيڻي. ان جو مطلب آهي ته سياست کڻي ڪا به هجي، اها بلاول هائوس ۽ 70 ڪلفٽن جي وچ ۾ ئي رهندي

You might also like