ڪراچيءَ کي مثالي شهر بڻائينداسين: ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي مڪاني ادارن، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري وزير ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، ڊي جي ڪي ڊي اي، ايف ڊبليو او ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شهر ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي، رڪاوٽن ۽ انهن جي جلد تڪميل بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو. ناصر حسين شاهه ڪريم آباد انڊر پاس بابت تحفظات جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته انڊر پاس جي چوڌاري قائم سموريون حددخليون فوري طور ختم ڪيون وڃن ته جيئن انڊر پاس کي ٽريفڪ جي رواني ۽ عوام جي سهولت جو مؤثر ذريعو بڻائي سگهجي. هن هدايت ڪئي ته انڊر پاس سان لاڳاپيل سمورا رهيل ڪم جلد مڪمل ڪيا وڃن صوبائي وزير وزير مڪاني ادارن هدايت ڪئي ته ڊپارٽمينٽل پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ۽ حڪومتي حڪمن تي عمل نه ڪندڙ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته مقرري جا منتظر آفيسر ۽ ملازم فوري طور مقرر ڪيا وڃن ۽ ڪنهن به ملازم کي بنا جواز تنگ نه ڪيو وڃي. ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي کي مثالي شهر بڻائڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن.

You might also like