ڪراچي (عوامي آواز نيوز) پنجاب حڪومت جلال پور ڪئنال رٿا ۾ پاڻي ڇڏي آزمائشي رٿا شروع ڪري ڇڏي، سنڌ ۾ حڪومتي ۽ سياسي سطح تي هن رٿا خلاف احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، سنڌ جو موقف آهي ته هن جي منظوري بابت گڏيل مفادن واري ڪائونسل (CCI) ۾ فيصلو اڃا تائين التوا هيٺ آهي، تنهنڪري هن تي اڳڀرائي بين الصوبائي اتفاقِ راءِ کانسواءِ نه ٿيڻ گهرجي، گڏ ڪيل ڄاڻ موجب جلال پور ايريگيشن پراجيڪٽ پنجاب جي ضلعي جهلم ۽ خوشاب ۾ درياهه جهلم جي ساڄي ڪناري تي تعمير ڪيو پيو وڃي، هن جي شروعات رسول بئراج کان ٿئي ٿي ۽ هي هڪ غير مستقل (موسمي) واهه جو نظام آهي، پنجاب حڪومت جو چوڻ آهي ته هي سڄو سال نه پر اپريل کان آڪٽوبر تائين هلايو ويندو، هن رٿا تحت لڳ ڀڳ 117 ڪلوميٽر ڊگهو مکيه واهه، 23 ڊسٽريبيوٽرز، ڪيترائي مائنرز، فيلڊ ڪيريئر چينلز ۽ 200 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ جو نهري نيٽ ورڪ تعمير ڪيو پيو وڃي، هن جو بنيادي مقصد باراني ۽ بنجر زمينن کي آبپاشي جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي، پنجاب حڪومت موجب، هن سان لڳ ڀڳ 1،74،000 هيڪٽر زمين آباد ٿيندي، خريف جي فصلن جي پيداوار ۾ 50 سيڪڙو تائين اضافو ٿيندو ۽ لڳ ڀڳ 3 کان 4 لک ماڻهن کي سڌو سنئون فائدو پهچندو، هن رٿا جو مالي سهڪار ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) ڪري رهي آهي، تاريخي پسمنظر هي آهي ته جلال پور ڪئنال جو شروعاتي خيال 19هين صدي جي آخر ۾ رسول بئراج جي تعمير دوران سامهون آيو هو بعد ۾ 1990 جي ڏهاڪي ۾ هن جي فزيبلٽي اسٽڊي ڪئي وئي، رٿا جو بنياد 2019 ۾ رکيو ويو ۽ هن جي مڪمل ٿيڻ جي اميد 2027 تائين آهي، پنجاب حڪومت ۽ رٿا جي عملدارن جو چوڻ آهي ته جهلم ۽ خوشاب جا وسيع علائقا برساتن تي ڀاڙين ٿا، جتي زمين جو هيٺيون پاڻي کارو آهي ۽ زرعي پيداوار محدود آهي، سندن موجب، واهه جي ذريعي نه رڳو بنجر زمينون آباد ٿي سگهنديون پر زمين جي هيٺئين پاڻي جو معيار پڻ بهتر ٿيندو، وفاقي حڪومت جو موقف آهي ته هن رٿا کي 2014 ۾ ارسا پاران پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو هو، ارسا جي سيڪريٽري خالد ادريس راڻا موجب سرٽيفڪيٽ جاري ٿيڻ کان پوءِ واهه جي آپريشن تي اعتراض ڪرڻ ارسا جو دائري اختيار ناهي. تنهن هوندي به، سنڌ حڪومت هن رٿا تي ڪيترائي بنيادي اعتراض ڪندي رهي آهي، سنڌ کي سڀ کان اهم اعتراض اهو آهي ته جلال پور ڪينال جي منظوري تي سي سي آءِ ۾ سنڌ پاران اماڻيل سمري اڃا تائين التوا هيٺ آهي، حتمي فيصلو ٿيڻ کان اڳ رٿا کي عملي طور تي هلائڻ آئيني ۽ انتظامي طور تي درست ناهي، سنڌ اهو معاملو 2024 ۾ سي سي آءِ جي سامهون رکيو هو، سنڌ جو موقف آهي ته جيتوڻيڪ ارسا پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو هو، پر پنجاب اڳ ئي 1991 جي پاڻي ٺاهه تحت پنهنجي حصي جي پاڻي کان وڌيڪ گنجائش رکندڙ نهري نظام استعمال ڪري رهيو آهي، نون نهري رٿائن سان مٿانهين علائقن ۾ پاڻي جي استعمال ۾ اضافو ٿيندو جنهن جو سڌو اثر هيٺين سنڌ تي پوندو، سنڌ حڪومت اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته رٿا جي پي سي ون (PC-1) دستاويز ۾ روزانو پاڻي جي فراهمي، پاڻي جو اصل ذريعو ۽ اها وضاحت موجود ناهي ته پنجاب جي موجوده نهري نظام ۾ ڪهڙي واهه مان پاڻي گهٽ ڪري جلال پور ڪينال کي ڏنو ويندو، سنڌ موجب، هن ابهام سان پاڻي جي نگراني، ورهاست ۽ شفافيت جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، هڪ ٻيو اهم نقطو اهو اٿاريو ويو آهي ته جلال پور ڪئنال جي ڊيزائن ۾ في هزار ايڪڙ لاءِ لڳ ڀڳ 6.75 ڪيوسڪ پاڻي مختص ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ جي واهن لاءِ اها شرح لڳ ڀڳ 2.75 ڪيوسڪ في هزار ايڪڙ آهي، سنڌ جي دعويٰ آهي ته هن فرق جي ڪري لڳ ڀڳ 4،90،000 ايڪڙ زرعي زمين متاثر ٿي سگهي ٿي، انهيءَ بنياد تي سنڌ اسيمبلي نومبر 2021 ۾ هڪ ٺهراءُ پڻ منظور ڪيو هو جنهن ۾ رٿا تي ڪم روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، سنڌ ۾ هن وقت به ڪيترن ئي شهرن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي جنهن جي خلاف هر روز احتجاج ڪيو وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ پاڻي جي ڪٽوتي جو مطلب سنڌ کي وڌيڪ ڏڪار طرف ڌڪڻ جي برابر سمجهيو پيو وڃي، جلال پور رٿا جي سلسلي ۾ سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ سڄاڻ ڌرين پنهنجا خدشا ظاهر ڪندي انگ اکر ڏنا آهن ته سنڌ کي پاڻي جو آئيني حصو ڏيڻ کانسواءِ نوان ڪئنال منصوبا قبول ناهن، هيٺاهين وهڪري ۾ 10 ملين ايڪڙ فُٽ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سامونڊي چاڙهه سان لکين ايڪڙ زمين متاثر ٿي رهي، سرڪاري انگن اکرن موجب جلال پور ڪئنال ذريعي ضلعي جهلم ۽ خوشاب جي لڳ ڀڳ هڪ لک 74 هزار ايڪڙ زرعي زمين کي پاڻي فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته سنڌ اڳ ئي سخت پاڻي جي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي، هن چيو ته ارسا جي مختلف رپورٽن ۾ پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ کي پنهنجي مقرر حصي کان گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، جنهن سبب زرعي شعبي، سنڌو درياهه جي ڊيلٽا ۽ سامونڊي پٽي کي سخت نقصان پهتو آهي، سنڌو درياهه جي هيٺاهين وهڪري ۾ ماحولياتي ضرورتن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فُٽ پاڻي ڇڏڻ لازمي قرار ڏنو ويو هو، پر ڪيترن ئي سالن کان ان تي عمل نه ٿيڻ سبب سمنڊ لکين ايڪڙ زرعي زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، جڏهن ته ٺٽو، سجاول ۽ بدين جا علائقا سخت متاثر ٿيا آهن.