قومي ميڊيا تي بليڪ آئوٽ ، فضل الرحمان سوشل ميڊيا تي ڇانيل

اسلام آباد(طلعت حسين)فضل الرحمان ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ جيڪو جهيڙو شروع ٿي چڪو آهي، ان کي ڪٿي نه ڪٿي وڃي ته دنگ ڪرڻو آهي،چاهي ڪيسن جي صورت ۾ هجي، سندس خلاف مهم جي صورت ۾ هجي، مٿس دٻاءُ جي صورت ۾ هجي پر ڪجهه مولانا کي فائدا به ٿيا آهن.توهان کي هڪ ٻه نه، درجنون نه پر سوين پروگرام مولانا فضل الرحمان جي حوالي سان نظر ايندا؛ ويلاگز به ان تي هوندا، ٽوئيٽس به ان تي هوندا، ٽي وي پروگرام به ان تي هوندا ۽ سوشل ميڊيا تي هر طرف مولانا فضل الرحمان ڇانيل آهي،پاڪستان ۾ جيڪو اپوزيشن جو خال نظر اچي ٿو، مولانا آهستي آهستي اهو ڪم ڪري رهيو آهي،تازو مولانا جيڪو پهريون بيان ڏنو، ان جي نتيجي ۾ اسٽيبلشمينٽ جي طرفان ردعمل آيو؛ جيڪا هن لشڪر ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ان تي ردعمل آيو،جيڪا هن جنرلن بابت ڳالهه ڪئي هئي ان تي ردعمل آيو. ساڻ ئي هڪ ٻه اهڙيون اسٽوريون اچي ويون ته مولانا ماضي ۾ اسٽيبلشمينٽ سان هٿ ملائيندي ڇا ڇا ڪيو هو. جيتوڻيڪ فضل الرحمان جو اسلام آباد ۾ جذباتي خطاب ڪنهن ٽي وي چئنل نه هلايوپر اڄڪلهه توهان انهن شين کي  روڪي)  نٿا سگهو. جڏهن واٽس ايپ گروپن تي اهي شيون ڦرڻ لڳنديون آهن ته پوءِ اهي توهان جي ڪنٽرول ۾ ناهن رهنديون. ٽي وي چينلن تي هلي يا نه هلي، اهو مواد هر ڪنهن وٽ موجود هوندو آهي،ٻئي پاسي مولانا کي لڳي رهيو آهي  ته بلوچستان جي آپريشن سان گڏوگڏ خيبر پختونخواهه جي اندر به آپريشن شروع ٿيڻو آهي. ڏکڻ خيبر پختونخواهه جو علائقو مولانا جو مضبوط ڳڙهه آهي، جيڪڏهن اتي آپريشن ٿئي ٿو ته پوءِ مولانا کي هڪ سائيڊ چونڊڻي پوندي. يا ته هو طالبان جي طرف ويندو، جيڪو ظاهر آهي هو ڪري نٿو سگهي، رياست سان گڏ وڃڻ جو مطلب اهو آهي ته توهان کي پوءِ تمام گهڻو نقصان به کڻڻو پوندو،فضل الرحمان لاءِ ٻيو طريقو اهو آهي ته هو طالبان سان به نه وڃي ۽ طالبان جي خلاف جيڪي آپريشنز ٿيڻا آهن  انهن آپريشنز جي اندر اسٽيبلشمينٽ جي سپورٽ ڪندي به نظر نه اچي؟ ان جو طريقو اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان هڪ سياسي ويڙهه جي شروعات ڪري ڇڏيو، مولانا کي اها خبر آهي ته جڏهن آپريشن ٿيندا، تڏهن ڪٿي اسٽيبلشمينٽ ساڻس سٺن لاڳاپن جي بنياد تي اها توقع نه رکي ته هو کليل نموني طالبان خلاف ڳالهائيندو،هيءَ قيمت مولانا چڪائڻ نٿو چاهي.

You might also like