جلال پور ڪئنال سراسر غير قانوني آهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ايڊووڪيٽ نجيب مهيسر،ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي،لال جروار ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته جلال پور ڪئنال سراسر غير قانوني ڪئنال آهي. پنجاب جا حڪمران مسلسل ڏيڍ صدي کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن. مودي خلاف احتجاج ڪندڙ پيپلز پارٽي جي حڪمرانن جلال پور ڪئنال تي پنهنجيون اکيون ۽ ڪن بند ڪري ڇڏيا آهن،هنن چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن ۾ پنجاب جي حڪمرانن سان گڏ سنڌ جا حڪمران برابر جا شريڪ آهن. پاڻي جي جائز حصي، نون ڊيمن ۽ ڪئنالن خلاف سنڌ جي عوام جي مسلسل احتجاجن جي باوجود پنجاب جا حڪمران پنهنجي ضد، انا ۽ هٽ ڌرمي تان هيٺ لهڻ لاءِ تيار نه آهن. اڳوڻن وڌيڪ چيو آهي ته بندوق جي زور تي ننڍن صوبن جي پاڻي، وسيلن ۽ حق حڪمراني تي قبضو غير قانوني آهي ۽ اهڙو عمل گڏيل وفاق لاءِ ڪنهن به صورت ۾ فائدي وٽان ناهي.

You might also like