ڪراچي (عوامي آواز نيوز) پيپلز پارٽي طرفان مرسون مرسون سنڌو نه ڏيسون جي نعري هيٺ احتجاجي تحريڪ جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو،پيپلز پارٽي سنڌ جَي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته احتجاجي تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ 24 جولاءِ تي سڄي سنڌ جي سمورن تعلقن ۾ ريليون ڪڍيون وينديون، جاري بيان ۾ هن چيو ته پ پ جي سمورن تعلقي عهديدارن ۽ ذميوارن کي پنهنجي پنهنجي تعلقن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍڻ جي هدايت ڀارتي آبي دهشت گردي سميت سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف سنڌ هر محاذ تي آواز بلند ڪندي، سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙو ملڪي معيشت کي گهٽو ڏيڻ برابر هوندو، پاڻي زندگي آهي ۽ ڪنهن کي سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي ذريعي عوام جون زندگيون کسڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته سي سي آءِ جي فيصلي کان اڳ جلال پور ڪئنال کي ٽيسٽ طور وهائڻ غير آئيني آهي، سنڌ جي جلال پور ڪئنال بابت اعتراضن تي ٻڌل سمري سي سي آءِ ۾ التوا هيٺ آهي، جلال پور ڪئنال کي ٽيسٽنگ طور وهائڻ کان اڳ سي سي آءِ جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ گهرجي ها، سي سي آءِ جي فيصلي کان اڳ جلال پور ڪئنال کي وهائڻ آئيني اداري جي حيثيث تي سواليه نشان آهي، سي سي آءِ جلال پور ڪئنال کي ٽيسٽنگ طور وهائڻ واري عمل جو نوٽيس وٺي.