پنجاب جي سياست ۾ حمزا شهباز جي داخلا بند،شريف خاندان ۾ اختلاف واضح

لاهور( سجاد انور ) ٻه ڏينهن اڳ شريف خاندان جو مري ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ شهباز شريف ، نواز شريف ، مريم نواز ، حمزا شهباز ،اسحاق ڊار موجود هئا ان ۾  وفاقي حڪومت  جي ڪارڪردگي کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان ۾ مريم نواز چيو ته جيڪڏهن توهان ڪابينا ۾ ڪجهه نيون تبديليون ڪرڻ وڃي رهيا آهيو، ته گهٽ ۾ گهٽ توهان وٽ ٽيم اهڙي هجڻ گهرجي. هن شهباز شريف  کي ٻڌايو ته جنهن طريقي سان مان پنجاب ۾ ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهيان، توهان وفاق ۾ به ائين ڪريو. مون کي خبر آهي ته وفاق ۾ مشڪلاتون آهن، پر توهان کي ڪجهه اهڙو ڪرڻ گهرجي،اجلاس ۾  ڪجهه وزيرن کي گهر موڪلڻ، ڪجهه نون ماڻهن کي شامل ڪرڻ ۽ ڪجهه جا قلمدان تبديل ڪرڻ لاءِ مختلف نالن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.ميان نواز شريف جو ان موقعي تي چوڻ هو ته جيتوڻيڪ توهان وٽ اسپيس (گنجائش) گهٽ آهي، هڪ هائبرڊ نظام آهي، پر جيتري به گنجائش آهي ان کي گهٽ ۾ گهٽ مسلم ليگ نون جي طاقت طور استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ وفاقي حڪومت کي پنهنجي ڪارڪردگي  ۽ بيانيي کي بهتر بڻائڻ گهرجي،اجلاس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر شهباز شريف ۽ حمزا طرفان اها خواهش ظاهر ڪئي وئي ته حمزا شهباز کي پنجاب مسلم ليگ نون جو صدر بڻايو وڃي ۽ کيس پنجاب ۾ هڪ آفيس سيٽ اپ ٺاهي ڏنو وڃي ته جيئن پنجاب جا ورڪر سڌو سنئون وٽس اچي سگهن، هو پنهنجي آفيس کي وقت ڏئي ته جيئن حڪومت سان گڏوگڏ پارٽي کي به ڏسي سگهجي. پر مريم نواز طرفان ان سان اختلاف ڪيو ويو ۽ ان کي ميان نواز شريف تائيد ڪندي چيو ته  ته حمزه لاءِ جيڪڏهن ڪو ڪردار ڏسڻو آهي ته اسلام آباد (وفاق) ۾ ڏسو، پنجاب ۾ سندس اچڻ سان ڪجهه پيچيدگيون پيدا ٿينديون، ان ڪري هو پنجاب ۾ نه اچي. اجلاس ۾ ئي اهو طئي ٿيو آهي ته ميان نواز شريف ميرپور ۾ هڪ جلسو ڪندو، جنهن جي انتظامن جي تياري شروع ٿي چڪي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 21 جولاءِ 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like