پ پ کي اقتدار سنڌ جي پاڻي جي سودي، زمينن ۽ معدني وسيلن تي قبضي تحت ڏنو ويو آهي:زين شاهه

ڄامشورو(پ ر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر، سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته اسان گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي عوام کي ٻڌائيندا رهيا آهيو ته پيپلزپارٽي کي اقتدار سنڌ جي پاڻي جي سودي، زمينن ۽ معدني وسيلن تي قبضي تحت ڏنو ويو آهي،گذريل سال اسان پنجاب ۾ جلالپور ڪئنال جتي ٺهي رهيو هو ان کي به وڃي وائکو ڪيو ۽ اتي وڃي سنڌ جي عوام کي ٻڌايوسين ته هي 115.7 ڪلوميٽر ڊگهو جلالپور ڪئنال ٺهي رهيو آهي جيڪو تقريبن 2 لک ايڪڙ زمين جهلم ضلعي جي تعلقي خوشاب ۽ پنڊ دادن جون باراني زمينون آباد ڪندو پر اسان جي ان احتجاج ۽ ان دعوا کي سنڌ حڪومت سنڌ جي وڏي وزير اهو چئي رد ڪيو ته ڪو به ڪئنال نٿو ٺهي پر سنڌ جي عوام سان دوکو ڪيو ويو جيڪو ڪئنال 4 ڏينهن پهرين پنجاب حڪومت تجربي جي بنياد تي جلالپور ڪئنال ۾ پاڻي وهايو آهي،هن چيو ته  هن وقت ئي سنڌو درياھ ۽ واهن ۾ شديد کوٽ آهي ۽ سنڌ کي پاڻيءَ جو حصو نه پيو ملي اهڙي صورتحال ۾ پيپلزپارٽي جو خاموش رهڻ سنڌ جي عوام سان دوکو ڪرڻ، ڪوڙيون ريليون ۽ مرسون مرسون سنڌو نه ڏيسون جهڙا نعرا هڻي عوام سان دوکو ڪيو پيو وڃي.سيد زين شاھ چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي هميشه سنڌ جي پاڻيءَ جو تحفظ، سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن جي محافظ ۽ سنڌ جي قومي مفادن جي لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي.هن ڏاڍ جي خلاف به اسان خاموش نه رهنداسين هن چيو ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌ حڪومت کي فوري طور تي جلالپور ڪئنال خلاف سي سي آءِ ۾ وڃڻ گهرجي ۽ اسٽي وٺڻ گهرجي پنھنجي گهڻ گهرن ۽ سنڌ دوست ڌرين سان گڏجي ڪا حڪمت عملي جوڙينداسين جدوجھد شروع ڪنداسين.

You might also like