لاهور(سجاد انور)آزاد ڪشمير مسئلي تي بلاول جو موقف اسٽيبلشمينٽ ۽ ن ليگ کان مختلف آهي، هو خواجا آصف کي ڪابينا مان هٽائڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي،۽ ڪشمير مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍڻ چاهي ٿو، پر ڪنهن حد تائين راولپنڊي ۾ اهو فيصلو آهي ته هي جيڪي چار پنج ڏهه وڏا ماڻهو آهن، انهن کي جيسين توهان سڌو، اهي ڪٿي نه ڪٿي ٻيهر نڪري ايندا. ان سبب ڪري بلاول ڀٽو جون ڪيتريون ئي ڳالهيون اسٽيبلشمينٽ کي پسند ناهن اينديون. اسٽيبلشمينٽ سمجهي ٿي ته اتان جي جيڪا نزاڪت آهي، اها بلاول ڀٽو کي سمجهه ۾ نه پئي اچي، رهي. جڏهن ته بلاول ڀٽو، فضل الرحمان ۽ ٻيا سياسي ماڻهو ۽ خود ميان نواز شريف به بار بار چيو آهي ته اتي شين کي سياسي طور حل ڪريو، هو ان تشدد جي خلاف آهن. ٻئي پاسي ميرپور، مظفرآباد ۽ باغ جي ڪجهه صحافين موجب مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي جو ڪافي سخت مقابلو آهي. هي 32 سيٽون آهن جن تي سڌو سنئون اليڪشن ٿي رهيوآهي. اتي سندن خيال آهي ته 16-17 سيٽون پيپلز پارٽي ڪڍندي ۽ 13-14 يا 15 سيٽون مسلم ليگ نون ڪڍندي. پر مهاجرن جي 12 سيٽن مان صرف ٻه سيٽن مٿان پيپلز پارٽي جا ماڻهو کٽي رهيا آهن. باقي 10 سيٽون ن ليگ حوالي ٿي سگهن ٿيون،ان ڪري ڪشميري انهن سيٽن جي خلاف آهن، ٻئي پاسي جيئن عمران خان جي معاملي ۾ اسٽيبلشمينٽ ۾ تقسيم هئي، جنهن جو فائدو عمران خان کي ٿيو، ائين ئي مولانا فضل الرحمان به هاڻي سامهون اچي ويا آهن ۽ چئي رهيو آهي ته مان معافي به نه گهرندس. کيس پٺڀرائي حاصل آهي، هو تمام محتاط گيم ڪندو آهي، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته جيئن جنرل مشرف بااختيار هو پر هڪ وقت اچي ويو ته جنرل ڪياني جنرل مشرف کي ڇڏڻ شروع ڪيو، ته سندن خيال آهي ته ڪا اهڙي صورتحال هتي نه پيدا ٿي هجي جنهن جي ڪري عاصم منير کي پريشر ۾ آندو پيو وڃي. ٻئي پاسي ماڻهو تجزيو ڪن پيا ته ته خيبرپختونخوا ۾ عام طور تي اينٽي اسٽيبلشمينٽ جذبن کي ووٽ پوندو آهي، ۽ مولانا فضل الرحمان پي ٽي آئي کي مقابلو ڪرڻ لاءِ ته ”مان پي ٽي آئي کان وڌيڪ اينٽي اسٽيبلشمينٽ آهيان“ هو پنهنجي تڪ کي واپس ڪرڻ چاهي ٿو ڪجهه ماڻهو اهو به چئي رهيا آهن ته جنهن طريقي سان ان هائبرڊ نظام جي ڪري اسٽيبلشمينٽ هر شيءِ تي قبضو ڪري ورتو آهي ڪٿي نه ڪٿي سياستدانن ۾ هڪ سمجهه تيار ٿي رهي آهي. اها مسلم ليگ نون ۾ ميان نواز شريف جي سوچ به ٿي سگهي ٿي، اها پيپلز پارٽي ۾ زرداري جي سوچ به ٿي سگهي ٿي، فضل الرحمان سان گڏ ٽئي هڪ طرح سان ساٿي آهن، ڪيترن ئي هنڌن تي هي گڏجي گڏ هليا به آهن، ته هو سمجهن ٿا ته ٿورو اسٽيبلشمينٽ کي ڪنهن نه ڪنهن کي ته اکيون ڏيکارڻيون پونديون ته جيئن هي جيڪو بالڪل غلبو آهي سياست تي، ان کي روڪي سگهجي. تنهنڪري ڪجهه جو خيال آهي ته اندروني طور ڪا مفاهمت آهي ته فضل الرحمان ڪم جاري رکي. اهو ئي سبب آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي حمايت ۾ جيڪي ماڻهو ڳالهائي رهيا آهن اها ٻئي درجي جي قيادت آهي ۽ اهي به وڏي مصلحت پسندي واري گفتگو ڪري رهيا آهن ته فضل الرحمان کي اهو جملو نه ڳالهائڻ گهرجي ها، فضل الرحمان وڪيلن جي ڪانفرنس ۾ جيڪو موقف جنهن طريقي سان پيش ڪيو اهو لڳي پيو ته هو هڪ انچ به پٺتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي. سو هي جيڪو پهريون رائونڊ آهي، ان ۾ فضل الرحمان کٽيندي نظر اچي رهيو آهي. بلاول ڀٽو،نوازشريف،مريم نواز،وزيراعظم شهبازشريف فضل الرحمان جي باري ۾ ڪا ڳالهه ناهي ڪئي، ان ڪري ڪٿي نه ڪٿي اسٽيبلشمينٽ به اها سمجهي رهي آهي ته هي جيڪو سياسي طبقو آهي اهو ڪٿي نه ڪٿي اسان جي خلاف ته ناهي ٿي ويو؟ پي ٽي آءِ ته اڳ ۾ ئي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف آهي، اڄ به جيڪڏهن پي ٽي آئي آئين سان بيهي وڃي ٿي ۽ باقي جيڪي سندن تعصبات آهن سياسي جماعتن سان، انهن کي هو ٿورو گهٽ ڪري، ته پي ٽي آئي هڪ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.